راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته گورنر راڄ يا ايمرجنسي لڳائي وئي ته ڀرپور مزاحمت ڪنداسين، دهشتگردي کي بنياد بڻائي گورنر راڄ لاڳو نٿو ڪري سگهجي.
داهگل ناڪي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته 4 آڪٽوبر واري مارچ جي ڪال في الحال برقرار آهي، اڄ گڏيل اپوزيشن جي سلسلي ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري کين آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي، جڏهن ته پيپلز پارٽي مشاورت کانپوءِ اي پي سي ۾ شرڪت بابت آگاهه ڪرڻ جو چيو آهي.
هن چيو ته اي پي سي ۾ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال، خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي صورتحال ۽ صوبن جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.
بئريسٽر گوهر موجب پارليامينٽ ميمبرن جي گرفتاري ۽ ڇڪتاڻ سنجيدا معاملو آهي، سڀني سياسي جماعتن کي گڏجي ايندڙ حڪمت عملي تي اتفاق ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته صوبائي خودمختياري تي ڪا به ضرب نه اچڻ گهرجي، خيبرپختونخوا حڪومت اهڙي صورتحال ۾ آهي جو سندن ئي وزيرن کي کنڀيو پيو وڃي، جيڪو حڪومتي رٽ ۽ صوبائي خودمختياري تي وڏي قدغن آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن اڄ خيبرپختونخوا جي صوبائي خودمختياري متاثر ٿي ته سڀاڻي پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان به متاثر ٿي سگهن ٿا. صوبائي خودمختياري تي حملي سان وفاق ڪمزور ٿيندو. حڪومتن کي اشارن تي نه، پر عوام جي خواهش موجب ختم ٿيڻ گهرجي ۽ سڀني کي غير آئيني قدمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته 27 سيپٽمبر تي مارچ جي ڪال ڏني وئي هئي، جنهن کي سياسي ڪميٽي متفقه طور 4 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪيو.
هن چيو ته سندن مطالبو رڳو ملاقاتون ۽ علاج ڪرائڻ آهي، اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي، جڏهن ته پارٽي اڳ ئي يقين ڏياري چڪي آهي ته نه ڌاڙو هنيو ويندو ۽ نه حملو ڪيو ويندو.
بئريسٽر گوهر چيو ته خيبرپختونخوا ۾ مينڊيٽ عمران خان جو آهي ۽ سهيل آفريدي کي به عمران خان ئي وڏو وزير بڻايو آهي.
سندس چوڻ هو ته جيستائين عمران خان جي حمايت سهيل آفريدي کي حاصل آهي، تيستائين هو ئي وڏو وزير رهندو.
نورين نيازي سان منسوب خبرن بابت بئريسٽر گوهر چيو ته هن سميت خاندان انهن خبرن جي ترديد ڪئي آهي ۽ ڏکين حالتن ۾ سڀني کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.
گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي بابت بئريسٽر گوهر سوال اٿاريندي چيو ته اهي قدم ڪهڙي بنياد تي کنيا ويندا؟
هن چيو ته جيڪڏهن ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي ته ڇا پختون مينڊيٽ ختم ڪرڻ چاهيو ٿا؟
هن وڌيڪ چيو ته سياسي ڪميٽي جو فيصلو هو ته لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ جو اعلان خيبرپختونخوا جو وڏو وزير ڪندو.
سندس چوڻ هو ته اچڪزئي صاحب کي وزيراعظم جو خط پڻ مليو آهي ۽ ملاقات ٿيڻ گهرجي.
دهشتگردي بابت بئريسٽر گوهر چيو ته دهشتگرد چئني صوبن ۽ پاڪستاني عوام جا دشمن آهن، نيشنل ايڪشن پلان تحت دهشتگردي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.
You might also like