نيتن ياهو جو ابوظهبي جو اوچتو ” ڳجهو“ دورو، شيخ محمد بن زايد سان ملاقات جو اصل مقصد ڇا هو؟

تل ابيب/ابوظهبي/لنڊن (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو خانگي جهاز ذريعي گڏيل عرب امارتن جي راڄڌاني ابوظهبي جو مختصر دورو ڪيو، جتي هن اماراتي صدر شيخ محمد بن زايد سان ميڊيا جي نظرن کان پري ملاقات ڪئي.
ملاقات کانپوءِ نيتن ياهو بنا ڪنهن سرڪاري پڌرائيءَ جي اسرائيل واپس روانو ٿي ويو، جڏهن ته بعد ۾ اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس چيو ته اهو دورو شيخ محمد بن زايد جي دعوت تي ڪيو ويو.
بيان موجب، ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ خطي کي پيش ايندڙ چئلينجز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
نيتن ياهو سان گڏ قومي سلامتي ڪائونسل جو سربراهه، موساد جو سربراهه، فوجي سيڪريٽري ۽ پرڏيهي پاليسي جو صلاحڪار پڻ موجود هئا.
رپورٽ موجب، ملاقات جو وقت خاص ڌيان جو مرڪز بڻيو آهي، ڇاڪاڻ ته اسرائيل ۾ پارلياماني چونڊن کي لڳ ڀڳ هڪ مهينو باقي آهي ۽ 7 آڪٽوبر 2023ع وارن حملن بابت سياسي ۽ سيڪيورٽي ذميوارين تي بحث جاري آهي.
برطانوي ميڊيا موجب، ويجهڙائي ۾ اسرائيلي اخبار هاريٽز دعويٰ ڪئي هئي ته 7 آڪٽوبر جي حملن کان لڳ ڀڳ ڏيڍ هفتو اڳ شيخ محمد بن زايد نيتن ياهو سان فون تي رابطو ڪري حماس جي اڳواڻ يحيٰ سنوار جي مبينا منصوبي بابت خبردار ڪيو هو، جڏهن ه نيتن ياهو ان دعويٰ کي رد ڪري چڪو آهي.
اسرائيلي ميڊيا موجب، ابوظهبي ملاقات ۾ ايران ۽ وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ پڻ اهم موضوع رهيا.
تجزئي نگار جئڪ نيريا جو چوڻ آهي ته ملاقات جو هڪ مقصد ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ٿي سگهي ٿو.
رپورٽ موجب، ملاقات جا تفصيل ڳجها رکيا ويا هئا ۽ ان جو اعلان نيتن ياهو جي واپسي کانپوءِ ڪرڻ جو امڪان هو، پر واپسي کان اڳ ئي دوري جي خبر سامهون اچي وئي.
برطانوي ميڊيا جي رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته نيتن ياهو يا سندس ويجهن ساٿين طرفان دوري جا تفصيل ليڪ ڪرائڻ بابت ڪو عوامي ثبوت موجود ناهي.
رپورٽ موجب ملاقات جو مقصد لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ، اسرائيل جي اندروني سياسي صورتحال ۽ ايران بابت علائقائي معاملن سان لاڳاپيل ٿي سگهي ٿو.

You might also like