ڏيو مُنهن! بالي ووڊ وارن پاڪستاني جاسوس کي ڀارتي ”ديش ڀڳت“ بڻائي ڇڏيو، آيوشمان کُرانا جي ”اُڙتا تير“ جو ٽريلر جاري

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار آيوشمان کُرانا پنهنجي نئين فلم”اُڙتا تير“ ۾ پاڪستاني جاسوس جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ڪاميڊي شو ”انڊيا گاٽ ليٽنٽ“ ۾ فلم جي ڪهاڻي ٻڌائڻ دوران گلوڪار عدنان سمي خان جو ذڪر به دلچسپ انداز ۾ سامهون آيو.
اآيوشمان کُرانا شو ۾ مهمان طور شريڪ ٿيو، جتي ميزبان سمي رائنا کانئس سندس نئين فلم بابت پڇيو.
اداڪار ٻڌايو ته ”اُڙتا تير“ هڪ جاسوسي ۽ حب الوطني تي ٻڌل کِل ڀوڳ واري فلم آهي، جنهن ۾ هو پاڪستاني جاسوس جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جيڪو ڀارت وڃي ٿو، پر پنهنجي يادادشت وڃائڻ کانپوءِ پاڻ کي ڀارتي سمجهڻ لڳي ٿو.
فلم جي ڪهاڻي ٻڌائيندي آيوشمان چيو ته سندس ڪردار کي ملڪ سان محبت ته ياد رهي ٿي، پر اهو وسري وڃي ٿو ته ملڪ ڪهڙو آهي.
ان موقعي تي شو ۾ موجود ڪاميڊين اديتيا ڪلشيرٿ عرف ڪُلو برجستي انداز ۾ چيو ته ”اهو عدنان سميع آهي“، جنهن تي اسٽوڊيو ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.
عدنان سميع خان به ان مذاق جو جواب ڏيندي ”انڊيا گاٽ ليٽنٽ“ جي انسٽاگرام پوسٽ تي لکيو ته ”پهريان مون کان رائٽس وٺو، پوءِ فلم ٺاهيو“ سندس تبصري کي سوشل ميڊيا تمام گهڻي موٽ ملي رهي آهي.
واضح رهي ته عدنان سميع خان 1990ع واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان ۾ گلوڪار ۽ موسيقار طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي، جڏهن ته 2016ع ۾ کيس ڀارتي شهريت ملي.
سوشل ميڊيا تي ڪجهه واهپيدارن فلم ۾ پاڪستان جي ذڪر تي تبصرا ڪندي سوال اُٿاريا ته ڀارتي فلمون پاڪستان جي ذڪر کانسواءِ ڇو نٿيون ٺهن.
ڪجهه پاڪستاني واهپيدارن به فلم کي تنقيد جو نشانو بڻايو.
”اُڙتا تير“ جو ٽريلر گذريل هفتي جاري ڪيو ويو، جڏهن ته فلم 9 آڪٽوبر تي سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.
فلم ۾ آيوشمان کُرانا سان گڏ سارا علي خان، رام ڪپور، گلشن گروور، راهول ديو ۽ راهُل بوس به شامل آهن.
ٽريلر ۾ آيوشمان کُرانا کي بلال نالي ڪردار ۾ ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو پاڪستاني جاسوس هئڻ باوجود پاڻ کي ڀارتي محب وطن سمجهڻ لڳي ٿو.

You might also like