ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ ڪهڙيون 20 ٽيمون ايڪشن ۾ هونديون؟ فيصلو ٿي ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ 20 ٽيمن جي لائين اپ مڪمل ٿي وئي.
خميس ڏينهن ايشيا پيسيفڪ ريجنل فائنل ۾ گڏيل عرب امارتن (يو اَي اِي) جاپان کي هارائي آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
جنهن کانپوءِ ايندڙ سال ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڪواليفاءِ ڪندڙ سڀني ويهه ٽيمن بابت فيصلو ٿي ويو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع سريلنڪا، ڀارت، پاڪستان، آسٽريليا، بنگلاديش، انگلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، ويسٽ انڊيز، نيوزيلينڊ ۽ افغانستان جون ٽيمون حصو وٺنديون.
ان کانسواءِ ناميبيا، زمبابوي، آئرلينڊ، ڪئناڊا، اٽلي، نيڌرلينڊز، نيپال، عمان، آمريڪا ۽ يو اَي اِي به ميگا ايونٽ ايڪشن ۾ هوندا.
واضح رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ايندڙ سال 7 فيبروري کان 8 مارچ تائين ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.