سنڌ ڪابينا جو بلدياتي نظام ۾ سڌارن جو فيصلو، ڇا مشرف وارو نظام بحال پيو ٿئي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا پاران بلدياتي نظام ۾ سڌارن جي فيصلي کانپوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ ان معاملي تي بحث جاري آهي.
پ پ ايم پي اي امتياز شيخ چيو ته مڪاني نظام ۾ سڌارا سٺي ڳالهه آهي، مڪاني نظام مضبوط هئڻ گهرجي، صوبي بابت جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، انهن جو حل به مضبوط بلدياتي نظام مان نڪرندو.
ايم پي اي مليحه منظور چيو ته مشرف وارو نظام ڪڏهن به بحال نٿو ٿي سگهي، مڪاني نظام کي مضبوط ڪيو ويندو.
صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سنڌ ۾ ڊويزنون يا ضلعا وڌائڻ واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي.

You might also like