سنڌ بچائڻ لاءِ قلم به کڻنداسين ته تلوار به کڻنداسين، پر سنڌ جو ورهاڱو ٿيڻ نه ڏينداسين: اعجاز سواتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ  ايم پي اي اعجاز سواتي چيو آهي ته سنڌ جي ورهاڱي تي ڪا ڳالهه نه ٿيندي، جڏهن ته روزگار، وسيلن جي ورڇ، اختيارن ۽ بلدياتي نظام بابت ضرور ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي.
سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي اعجاز سواتي چيو ته سنڌ جي ڌرتي تي رهندڙ هر ماڻهو، چاهي پختون هجي، پنجابي، ڪشميري، سنڌي، بلوچ يا اردو ڳالهائيندڙ، سڀ سنڌي آهن.
هن چيو ته جيڪڏهن لاهور ۾ ويٺل ڪو ماڻهو سنڌ جي ورهاڱي جو راڳ الاپيندو ۽ هتي ويٺل ڪجهه ماڻهو ان تي ناچ ڪندا ته سنڌ جا پٽ خاموش نه ويهي تماشو نه ڏسندا.
هن چيو ته سنڌ جي ورهاڱي جي سازش ڪندڙن کي نسيم حجازي جي ناولن مان نڪري اچڻ گهرجي، سنڌ جا پٽ پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻن ٿا، اسان قلم به کڻنداسين ۽ تلوار به کڻنداسين، پر سنڌ جو ورهاڱو ٿيڻ نه ڏينداسين.
اعجاز سواتي چيو ته سنڌ ڌرتي ورهائي نٿي سگهجي، سنڌ جا پٽ پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻن ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وسيلن جي ورڇ، اختيارن جي منتقلي، روزگار ۽ بلدياتي نظام بابت ڳالهائڻ گهرجي، پر سنڌ جي ورهاست تي ڪا ڳالهه نه ٿيندي.
اعجاز سواتي چيو ته هو پاڻ سوات سان واسطو رکندڙ يوسفزئي پختون آهي، پر ڪراچي ۾ پيدا ٿيو ۽ سنڌ جي مٽيءَ جو قرضدار آهي، ان ڪري پاڻ کي سنڌي سڏي ٿو.

You might also like