شڪست، تبديليون ۽ دٻاءُ، بابر اعظم جي طبيعت بگڙي وئي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) لارڊز ٽيسٽ ۾ 194 رنسن جي بدترين شڪست ۽ ڪرڪيٽ بورڊ جي اوچتن فيصلن کانپوءِ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪئمپ ۾ دٻاءَ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم بخار ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب، لارڊز ٽيسٽ ۾ 8 ۽ 6 رنسن تي آئوٽ ٿيندڙ بابر اعظم ٽيم جي شڪست، هيڊ ڪوچ ۽ 7 رانديگرن کي وطن واپس موڪلڻ سبب دٻاءَ ۾ آهي ۽ کيس تيز بخار آهي.
ٽيم جي ميڊيا مينيجر نويد اڪرم چيمه بابر اعظم جي بيمار هجڻ جي تصديق ڪندي چيو ته ڪپتان کيس پنهنجي طبيعت بابت آگاهه ڪيو آهي، پر پريشاني جي ڪا ڳالهه ناهي.
هن چيو ته بابر اعظم فٽ آهي ۽ بخار بابت ڳڻتي جي ضرورت ناهي، هو جلد صحتياب ٿي ويندو.

You might also like