خگهوٽڪي(ويب ڊيسڪ) ماڙي انرجيريز طرفان ڏهرڪي مان تيل ۽ گئس جان نوان ذخيرا هٿ اچڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ماڙي انرجيريز ڪمپني طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته گهٽوڪي ضلعي جي تعلقي ڏهرڪي مان تيل ۽ گئس جا ذخيرا دريافت ٿيا آهن.
ڪمپني موجب، نوان ذخيرا ماڙي غزيج سي ايف بي ون ايڪسپلوريشن ويل مان هٿ آيا آهن، جنهن تي ماڙي انرجيريز کي ماڙي ڊيولپمينٽ اينڊ پروڊڪشن لِيز جا 100 سيڪڙو حق حاصل آهن.
بيان ۾ چيو ويو اهي ته ايف بي ون ايڪسپلوريشن کوهه تيل سان ڀرپور زونز کي هدف بڻائي کوٽيو ويو، ٽيسٽ دوران ڪوهه مان روزانو 305 بئريل تيل ۽ 30 لک ڪيوبڪ فُٽ گئس حاصل ٿي.
ماڙي انرجيريز موجب، ڪمپني ڏهرڪيءَ ۾ ملڪ جي سڀ کان وڏي گئس فيلڊ هلائي رهي آهي ۽ لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو مارڪيٽ شيئر سان پاڪستان جي سڀ کان وڏي گئس پيدا ڪندڙ ڪمپني آهي.
You might also like