ذوالفقار شاهه جو گورنر هائوس جي نگراني ۾ قائم ليجنڊ ٽرسٽ مان ڪروڙين رپين جي گهوٻين جو الزام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ثقافت کاتي سنڌ جي وزير ذوالفقار شاهه الزام لڳايو آهي ته گورنر هائوس جي نگراني هيٺ هلندڙ ليجنڊ ٽرسٽ ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن ٿي آهي، جنهن مان هن وقت تائين 6 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم جعلسازي ذريعي ڪڍرائي وئي آهي.
ذوالفقار شاهه جو چوڻ آهي ته ٽرسٽ جو ڪم حقدار فنڪارن ۽ اداڪارن جي مالي سهائتا ڪرڻ آهي، پر جعلسازي ذريعي ثقافت کاتي جو ليٽر پيڊ استعمال ڪيو ويو ۽ بئنڪ مان چيڪ بڪ ٺهرائي رقم ڪڍرائي وئي، جنهن سان غريب ۽ مستحق فنڪارن جي حق تي ڌاڙو هنيو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري کي معاملي کان آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ کان مڪمل جاچ ڪرائي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.