رياض/واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) عالمي رسالي فنانشل ٽائيمز دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي عرب آمريڪا سان دفاعي معاهدي بابت ڳالهين ۾ رڌل آهي، جيڪو ايندڙ مهيني سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي واشنگٽن جي دوري دوران طئي ٿي سگهي ٿو.
فنانشل ٽائيمز جي رپورٽ موجب، ٽرمپ انتظاميا جي هڪ سينيئر عملدار جو چوڻ آهي ته سعودي ولي عهد جي آمريڪا دوري دوران معاهدي بابت ڳالهيون جاري آهن، پر معاهدي جا تفصيل اڃا تائين پڌرا نه ڪيا ويا آهن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سعودي عرب ۽ آمريڪا وچ ۾ اهڙن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، جيڪي تازو قطر ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيل معاهدي جهڙا آهن، جنهن ۾ اهو طئي ٿيو هو ته قطر تي ڪنهن به قسم جو حملو آمريڪا تي حملو سمجهيو ويندو.
ان حوالي سان آمريڪي پرڏيهي وزارت فنانشل ٽائيمز کي ٻڌايو ته سعودي عرب سان دفاعي سهڪار اسان جي ان علائقي واري پاليسي جو هڪ اهم ترين ستون آهي.
واضح رهي ته آمريڪي ۽ سعودي عملدارن طرفان ان سلسلي ۾ اڃا تائين ڪو به باظابطا بيان جاري نه ڪيو ويو آهي.