ڇا اسان حقيقت ۾ دنيا سان مقابلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهيون؟

اڱاري واري ڏينهن بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۾ سينيٽر رضا رباني جي ڪتاب The Smile Snatchers  جي مهورتي تقريب دوران چيو ته ”اسان جو مقابلو ڪنهن صوبي سان نه پر دنيا سان آهي ۽ ان مقابلي ۾ اسين پهرين نمبر تي آهيون.“  هيءَ ڳالهه صحيح آهي ته مقابلو دنيا سان ڪرڻ گهرجي، پر سوال اهو آهي ته ڇا اسان انهيءَ مقابلي لاءِ تيار به آهيون؟ ڇا اسان وٽ اهڙو نظام، حڪومتي سنجيدگي ۽ عوامي فلاح لاءِ اهڙا پروگرام ۽ منصوبا آهن، جيڪي دنيا جي ترقي يافته ملڪن سان مقابلي جي قابل بڻائي سگهن؟ جڏهن ته صورتحال اها آهي ته جناح اسپتال جهڙي وڏي اداري ۾ هڪ مريض کي آپريشن لاءِ ٻه سال پوءِ يعني 2027ع جي تاريخ ڏني وئي آهي ته پوءِ صحت جي اهڙي نظام سان  دنيا سان مقابلو  ڪيئن ڪري سگهبو؟

سنڌ ۾ هزارين نوجوان تعليم حاصل ڪري به بيروزگاريءَ جو شڪار آهن. جيڪي ڊگريون کڻي در در جا چڪر ڪاٽين ٿا، پر سندن لاءِ ڪا نوڪري ناهي. جنهن معاشري ۾ قابليت، محنت ۽ تعليم کي روزگار سان ڳنڍڻ جو نظام نه هجي، اتي دنيا سان مقابلي جي ڳالهه ڪرڻ رڳو سياسي فائدو حاصل ڪرڻ جي هڪ حڪمت عملي ته ٿي سگهي پر ان جو حقيقت سان ڪو ڳانڍاپو ٿي نٿو سگهي. دنيا سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته تعليم جو معيار عالمي سطح جو  ڪيو وڃي، تحقيق ۽ جدت جي راهه کولي وڃي، پر هتي اسڪولن ۾ استادن جي حاضريءَ کان وٺي نصاب جي زبون حاليءَ تائين، هر ميدان ۾ زوال ئي زوال نظر اچي  رهيو آهي.

بلاول ڀٽو پنهنجي تقرير ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ خيرپور اڪنامڪ زون کي سنڌ حڪومت جي ڪاميابين طور پيش ڪيو. بي آءِ ايس پي يقيناً غريب طبقي لاءِ مددگار قدم آهي، پر جيڪڏهن ان پروگرام جي وسيلي ماڻهن کي مستقل روزگار بدران وظيفي تي زنده رکيو وڃي ٿو، ته اها حڪومتن جي ناڪامي ئي ٿي سگهي ٿي، پر ڪاميابيءَ نه. حڪومتي پروگرام غريبن کي پاڻ ڀرو بڻائڻ لاءِ هوندا آهن، پر اسان وٽ اهي رڳو سياسي وفاداريءَ جو هٿيار بڻجي ويا آهن. خيرپور اڪنامڪ زون جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته اهو منصوبو اڃا به مڪمل طور تي ڪارگر ناهي ٿيو.

اسان جو مقابلو دنيا سان تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن اسان پنهنجي اندر جي خرابين جو ايمانداريءَ سان جائزو وٺنداسين. دنيا جا ملڪ قانون جي حڪمراني، شفافيت، تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ عوامي ڀلائيءَ ۾ اڳتي آهن. پر هتي قانون رڳو ڪمزور لاءِ سخت ۽ طاقتور لاءِ نرم آهي. هڪ عام شهري لاءِ انصاف حاصل ڪرڻ ڏکيو بڻيل آهي. ڪرپشن، سفارشن ۽ بدانتظاميءَ جو اهڙو ڄار وڇايل آهي، جنهن مان عام ماڻهو جو نڪرڻ ناممڪن بڻجي چڪو آهي.بلاول ڀٽو پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”اسان کي ورهائجڻ نه گهرجي، جتي به پاڪستان جو نالو روشن ٿي رهيو آهي، اتي فخر ڪرڻ گهرجي.“ اها ڳالهه سٺي ضرور آهي، پر سياستدانن جو رويو ۽ حڪومتي عمل ان جي ابتڙ نظر اچي ٿو. پاڪستان ۾ ورهاست جو بنياد پاڻ حڪمران وجهي رهيا آهن.

اسان جو مقابلو دنيا سان تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن سنڌ جي ڳوٺن ۾ عورتون گندلو ۽ زهريلو بڻجي ويل پاڻي ڀرڻ بدران صاف پاڻيءَ تائين رسائي حاصل ڪن، جڏهن سرڪاري اسپتالن ۾ بيمار مريضن کي مهينن ۽ سالن جا نه پر فوري علاج جا وقت ڏنا وڃن، جڏهن تعليم ايتري معياري هجي جو هر غريب جو ٻار به اهو خواب ڏسي سگهي ته هو سائنسدان، ڊاڪٽر يا انجنيئر بڻجي سگهي ٿو. دنيا سان مقابلو تڏهن ٿيندو، جڏهن بي روزگاريءَ جو طوفان ختم ٿيندو ۽ نوجوانن کي ڌڪا نه پر عزت سان روزگار ملندو. اسان کي دنيا سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالاجي، سائنس ۽ تخليق جي دنيا ۾ اڳتي وڌڻو پوندو. پر جڏهن ملڪ ۾ يونيورسٽين جا فنڊ گهٽايا وڃن، تحقيق ڪندڙن کي مراعات بدران مشڪلاتون ڏنيون وڃن  تڏهن ترقي اهڙو خواب بڻجي وڃي ٿي جنهن جي تعبير ممڪن ئي ناهي هوندي. دنيا ۾ اهي قومون اڳتي وڌيون آهن جيڪي پنهنجي تعليم، سائنس ۽ محنت تي ڀاڙيو. چين، ڪوريا، ملائيشيا ۽ سنگاپور جا مثال اسان جي اڳيان آهن.

اسان کي حقيقت کان منهن موڙڻ نه گهرجي. دنيا سان مقابلو ڪرڻ لاءِ پهرين پاڻ سان مقابلو ڪرڻ ضروري آهي. اسان کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته ملڪ ۾ حڪمرانيءَ جو نظام ڪمزور آهي، ادارا بي اثر ٿي چڪا آهن ۽ عوام جو اعتماد سياسي قيادت تان ختم ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن بلاول ڀٽو ۽ سندس جماعت واقعي دنيا سان مقابلو ڪرڻ چاهين ٿا، ته پوءِ انهن کي پهرين پنهنجي حڪمرانيءَ جو احتساب ڪرڻو پوندو. اسپتالن جي حالت سڌارڻ، تعليم کي مضبوط ڪرڻ ۽ بيروزگاري ختم ڪرڻ بنا دنيا سان مقابلي جي ڳالهه  ڪرڻ کل جهڙي ڳالهه هوندي. اسان جي سياستدانن کي هاڻي خواب ڏيکارڻ بدران حقيقت پسند ٿيڻو پوندو. دنيا سان مقابلو ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجا ادارا مضبوط ڪرڻا پوندا، انصاف کي عام ڪرڻو پوندو ۽ ڪرپشن کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻو پوندو.

اسان جي ترقيءَ جو حقيقي مقابلو نه ڪنهن صوبي سان آهي، نه ڪنهن ملڪ سان، پر پنهنجو پاڻ سان آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي ناڪامين کان ڪجهه سکون، ته شايد اڳتي وڌي سگهون. اسان دنيا سان تڏهن مقابلو ڪري سگهنداسين، جڏهن اسان وٽ انصاف، روزگار، صحت ۽ تعليم جو بهتر نظام قائم ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.