اغوا جا وڌندڙ واقعا، حڪومتون ڪٿي آهن؟

ايڊيٽوريل

ملڪ اندر اغوا جي وڌندڙ واقعن هڪ ڀيرو وري اهو بنيادي سوال اٿاري ڇڏيو آهي ته آخر حڪومتون ڪٿي آهن ۽ شهرين جي جان، مال ۽ آزاديءَ جي تحفظ جي ذميواري ڪير کڻندو؟ هڪ طرف بلوچستان ۾ روزگار لاءِ ويل پورهيتن کي هٿياربند ماڻهن پاران اغوا ڪرڻ جون خبرون سامهون اچي رهيون آهن، ته ٻئي طرف سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ اغوا، ڌاڙيلن ۽ ڀنگ لاءِ شهرين کي يرغمال بڻائڻ جو سلسلو مڪمل طور ختم نه ٿي سگهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ عام ماڻهوءَ جو اهو سوال جائز آهي ته جيڪڏهن هڪ پورهيت پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ ڪنهن ٻئي صوبي ۾ وڃي به محفوظ نه رهي ۽ صحافي پنهنجي فرض جي ادائيگي کان پوءِ گهر موٽندي به محفوظ نه هجي ته پوءِ رياست جي تحفظ جو تصور آخر ڪٿي بيهي ٿو؟

تازو بلوچستان جي ضلعي دُڪي ۾ روڊ تعمير ڪندڙ ڪمپني جي ڪيمپ تي حملي کان پوءِ 18 پورهيتن کي اغوا ڪيو ويو، جن مان اٺن جو تعلق رحيم يار خان سان ٻڌايو ويو آهي. انهن مزدورن جا وارث سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن ۽ حڪومت، سيڪيورٽي ادارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان پنهنجي پيارن جي محفوظ ۽ فوري بازيابي جو مطالبو ڪري رهيا آهن. هي واقعو رڳو ڪجهه خاندانن جو ذاتي الميو ناهي، پر اهو ان سوال سان به جڙيل آهي ته ملڪ جي انهن علائقن ۾ ڪم ڪندڙ عام پورهيتن جي حفاظت لاءِ حڪومتن وٽ ڪهڙو مستقل ۽ اثرائتو نظام موجود آهي؟

سنڌ ۾ به اغوا جي صورتحال تي مسلسل ڳڻتي جو اظهار ٿيندو رهيو آهي. تازو خانپور مهر جي صحافي عظيم سيال جي مبينا اغوا واري واقعي صحافتي برادري کي احتجاج تي مجبور ڪيو. سندس گاڏي پنو عاقل جي علائقي مان هٿ اچڻ کان پوءِ پوليس جاچ شروع ڪئي ۽ سنڌ جي گهرو کاتي ۽ پوليس اختيارين پاران به ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪيون ويون. صحافي برادري پاران سنڌ جي مختلف علائقن ۾ احتجاج به ڪيو ويو.

هاڻي عظيم سيال جي بازيابي جي خبر سامهون آئي آهي، جيڪا عام طور تي وڏيون يا بااثر  شخصيتون وري ڀنگ ڀري پاڻ کي آزاد ڪرائينديون آهن

سنڌ جي ڪچي وارن علائقن بابت حڪومت اڳ به مختلف آپريشنن، انٽيليجنس بنياد تي ڪاررواين ۽ ڌاڙيلن خلاف سخت پاليسين جا اعلان ڪندي رهي آهي. سنڌ حڪومت جي سرڪاري رپورٽن موجب ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف پوليس ۽ ٻين ادارن جون ڪارروايون به ٿيون آهن ۽ وڏي تعداد ۾ گرفتاريون پڻ ڪيون ويون آهن. پر جيڪڏهن ان باوجود اغوا جو خطرو ختم نه ٿي رهيو آهي ته پوءِ حڪومت کي پنهنجي حڪمت عملي جو غيرجانبدار جائزو وٺڻ گهرجي. اصل سوال اهو آهي ته آخر اغوا ڪندڙن جا نيٽ ورڪ ڪٿان طاقت حاصل ڪن ٿا؟ انهن کي مقامي سهولت ڪير فراهم ڪري ٿو؟ ڀنگ جي رقم جو نظام ڪيئن هلي ٿو؟ اغوا ٿيل ماڻهن تائين رسائي ۽ انهن جي منتقلي ۾ ڪهڙا ماڻهو مددگار ٿين ٿا؟ جيڪڏهن انهن سوالن جا جواب نه ڳوليا ويندا ته صرف هڪ مغوي کي بازياب ڪرائڻ سان مسئلو مستقل طور حل نه ٿيندو.

سنڌ جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه اها آهي ته ڪجهه ٻار ۽ نوجوان ڊگهي عرصي کان گم آهن ۽ سندن خاندان اڄ به انتظار جي اذيت مان گذري رهيا آهن. پريا ڪماري جو نالو انهن خاندانن جي درد جي علامت بڻجي چڪو آهي. سندس بازيابي لاءِ احتجاج ۽ ايڪشن ڪميٽين جون سرگرميون به جاري رهيون آهن. اهڙن ڪيسن ۾ وقت جو هر ڏينهن خاندان لاءِ نئين اذيت کڻي اچي ٿو. حڪومت لاءِ اهي ڪيس فائيلن ۾ رکيل انگ نه، پر جيئرا انسان ۽ انهن جا خاندان آهن.

هاڻي وقت اچي ويو آهي ته حڪومتون اغوا جي هر واقعي کي الڳ الڳ واقعو سمجهڻ بدران ان کي منظم ڏوهه، امن امان ۽ حڪمرانيءَ جي وڏي مسئلي طور ڏسن. حڪومتن کي عوام کي اهو جواب ڏيڻو پوندو ته اغوا جي روڪٿام لاءِ ڪهڙي واضح پاليسي آهي، ڪچي ۾ مستقل امن لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن، ڊگهي عرصي کان گم ٿيل ٻارن جي ڪيسن جي نگراني ڪير ڪري رهيو آهي ۽ ٻين صوبن ۾ ڪم ڪندڙ سنڌ جي پورهيتن جي تحفظ لاءِ ڪهڙو انتظام موجود آهي.

You might also like