پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ ”وڏي صفائي“،سلمان آغا جي ڪپتاني ختم، شاهين ۽ رئوف به ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ مان آئوٽ

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ وڏن فيصلن جي تياري ڪئي پئي وڃي.
ذريعن موجب، ٽي ٽوئنٽي ڪپتان سلمان علي آغا جي ڪپتاني جو دور ختم ٿي ويو آهي ۽ کيس اسڪواڊ مان به ڊراپ ڪيو ويو آهي.
سلمان علي آغا ٽيسٽ کانپوءِ ٽي ٽوئنٽي ٽيم مان به آئوٽ ٿي ويو آهي، هاڻي هو رڳو ون ڊي اسڪواڊ جو حصو هوندو.
ذريعن موجب، ٽي ٽوئنٽي جي نئين ڪپتان لاءِ صاحبزادا فرحان ۽ شاداب خان وچ ۾ مقابلو جاري آهي، جڏهن ته حارث رئوف کانپوءِ شاهين آفريدي کي به ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ مان ڊراپ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
شاهين آفريدي پاڪستان لاءِ سڀ کان وڌيڪ 136 وڪيٽون ۽ حارث رئوف 133 وڪيٽون وٺي چڪا آهن.
ايجبسٽن ٽيسٽ جي هيرو رضا الله ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي اسڪواڊ ۾ شموليت لاءِ مضبوط اميدوار آهي.
ذريعن موجب، شاهين آفريدي بدستور ون ڊي ٽيم جي قيادت ڪندو، جڏهن ته ٽيسٽ ڪپتان بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي اسڪواڊ جو حصو هوندو.
پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ 9 کان 13 آڪٽوبر تائين راولپنڊي ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون وينديون.
واضح رهي ته 18 کان 31 آڪٽوبر تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ ٽه ملڪي ون ڊي سيريزکيڏي ويندي، جنهن ۾ ميزبان پاڪستان، انگلينڊ ۽ سريلنڪا جون ٽيمون حصو وٺنديون.

You might also like