پهريان اغوا پوءِ پائلٽن ۾ جهيڙي جون خبرون، دبئي کان تل ابيب ويندڙ جهاز جي سعودي ۾ هنگامي لينڊنگ، اصل معاملو ڇا هو؟

دبئي/تبوڪ (ويب ڊيسڪ) دبئي کان تل ابيب ويندڙ فلاءِ دبئي جي مسافر جهاز ايمرجنسي سگنل جاري ٿيڻ کانپوءِ سعودي عرب جي تبوڪ ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، جهاز دبئي مان اُڏام ڀرڻ کانپوءِ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول کي پهريان ايمرجنسي ۽ پوءِ ۾ اغوا وارو سگنل ڏنو، جنهن سبب جهاز جي اغوا جا خدشا پيدا ٿيا.
اسرائيلي ميڊيا ۽ سيڪيورٽي اختيارين موجب، شروعاتي طور تي واقعو جهاز جي ٻن پائلٽن وچ ۾ جهيڙي سبب پيش اچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جهاز ۾ سوار سمورا مسافر محفوظ هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
رپورٽن موجب، جهاز ۾ 180 مسافر سوار هئا، واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته اسرائيلي اختيارين پڻ چيو آهي ته معاملو جهاز اغوا ٿيڻ جو نه ٿو لڳي.

You might also like