ٽنڊو رحيم ڀرسان مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

جوهي ( ن ع آ ) ڪاڇي جي شهر ٽنڊو رحيم خان لڳ کيرٿر جي جابلو پٽي نئن انگئي وٽ لاڏائو مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ سنڱاوتي معاملي تان جھيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو مارجي ويو آهي , مارجي ويل جي سُڃاڻپ بختيار ولد مريد مري طور ڪئي وئي، جڏھن ته ذريعن موجب ھڪ اڻڄاتل ماڻھو ۽ عورت جي زخمي ٿيڻ جا پڻ اطلاع آھن، اطلاع ملڻ بعد ٽنڊو رحيم خان پوليس پهتي، مليل ڄاڻ موجب جهيڙو پيار جي پرڻي واري معاملي تان ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.