لاڙڪاڻو (رپورٽ: ساجد علي تنيو ) لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد ۾ ٻن معصوم ٻارڙن جي ماءُ کي سندس مڙس ڪهاڙيءَ جا وار ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، ڀينس ڪالوني واري علائقي ۾ رهندڙ اياز ڏيٿو نالي شخص پنهنجي گهرواري نسيبان خاتون کي گهر اندر ڪهاڙيءَ جا وار ڪري قتل ڪيو ۽ مبينا طور قتل کان پوءِ مقتولا جا ٻه ٻار، اٺ ورهين جو قدير ۽ ست ورهين جي ڪنزا کي پاڻ سان گڏ کڻي فرار ٿي ويو. چانڊڪا اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتولا جي ماءُ مسمات ڪلثوم خاتون صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ نسيبان جي شادي لڳ ڀڳ 13 سال اڳ رحمت پور جي رهواسي اياز ڏيٿو سان ٿي هئي، جيڪو شادي کان ڪجهه وقت پوءِ ئي ڌيءَ سان تشدد ڪرڻ لڳو، خرچ به نه ڏيندو هو، اياز ڏيٿو گهر ۾ داخل ٿي نسيبان کي بيدرديءَ سان ڪهاڙيءَ جا وار ڪري قتل ڪيو ۽ ٻارڙا پاڻ سان کڻي ويو، جوابدار کي گرفتار معصوم ٻارڙن کي بازياب ڪرايو وڃي.