اسلام آباد(بي بي سي اردو)معلومات تائين عالمي پهچ واري ڏهاڙي تي پاڪستان ۾ رائيٽ ٽو انفارميشن(ڄاڻ تائين پهچ) واري قانون تي عمل نه ٿيڻ تي سوال اٿي رهيا آهن، پنجاب جي وزيراعليٰ لاءِ خريد ڪيل مهانگي جهاز بابت سوالن جو ڪو جواب نه مليو. پر گذريل ڏينهن ۾ مريم نواز تقرير ڪندي ڪندي چئي ڏنو ته ‘اهو 9 ارب جو آهي. ڪو به صحافي اها تحقيق نٿو ڪري سگهي ته اهو 9 ارب جو جهاز آهي يا نه، ڇو ته ان وٽ ڪو دستاويز موجود ناهي ‘رائيٽ ٽو انفارميشن جو قانون توهان کي بطور پاڪستاني شهري اهو اختيار ڏئي ٿو ته توهان اهي سوال پڇو. ان سلسلي ۾ بي بي سي کي مختلف صحافين پنهنجا تجربا بيان ڪيا،هڪ صحافي چيو ته :مان تقريبن 300 کان 400 کان وڌيڪ درخواستون فائل ڪري چڪو آهيان. جڏهن توهان اهڙي معلومات گهرندا آهيو جنهن ۾ حڪومتي عهديدارن جي اختيارن جي غلط استعمال، احتساب يا فنڊز جي غلط استعمال جي ڳالهه اچي ٿي، ته ان تي بلڪل به معلومات ناهي ڏني ويندي. صوبن ۾ مختلف نوعيت جون درخواستون فائل ڪيون ويون، ڪافي جڳهن تان ڊيٽا ملي به ۽ ڪافي جڳهن تان انڪار به ٿيو. معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ توهان آر ٽي آءِ پورٽل تي موجود سرڪاري ۽ سرڪاري کاتن جي اي ميل ايڊريسز تي آن لائين درخواست جمع ڪرائي سگهو ٿا، ڊاڪ ذريعي به به درخواست پهچائي سگهو ٿا، ۽ ان سان گڏ هٿ سان لکيل درخواست به لاڳاپيل کاتي کي ڏئي سگهو ٿا،هڪ ٻئي صحافي چيو ته اسان پنجاب حڪومت کان پڇيو آهي ته جڏهن کان نون ليگ جي حڪومت آئي آهي، انهن اشتهارن تي ڪيترو خرچ ڪيو آهي. ان کان پوءِ اسان اسپيڪر کان پڇيو ته جڏهن انهن لگزري گاڏيون گهرايون هيون ته ان تي ڪيترو خرچ ٿيو، اهي ڪهڙيون گاڏيون آهن ۽ ڪنهن جي استعمال ۾ آهن؟ٽئين صحافي چيو ته "وفاق ۾ اسان پي ٽي اي کان پڇيو هو ته انهن جيڪو ‘ويب مانيٽرنگ سسٽم’ خريد ڪيو آهي—جيڪو سينسرشپ ۽ انٽرنيٽ سلو ڪرڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو اهو ڪيتري جو هو ۽ ڪٿان خريد ڪيو ويو؟ انهن سڀني 5 ڪيسن ۾ اسان وٽ هڪ جهڙو ئي جواب مليوته ڄاڻ ڏيڻ ۾ دير ڪئي ويندي آهي ،چوٿين صحافي 26 نومبر تي پي ٽي آءِ جي ڌرڻن تي وفاقي سرڪار جي ڪيل خرچن جا تفصيل گهريا،ِ کيس اهي چئي انڪار ڪيو ويو ته هي ‘قومي سلامتي جو مسئلو آهي.،پنجين صحافي ٻڌايو ته پي ٽي وي ۾ منهنجي ٻن سالن کان آر ٽي آءِ پينڊنگ پيل آهي. مان پاڪستان ٽي وي جي انگريزي چينل جي لانچ بابت ڊيٽا گهريو هو، اتي مون کي دلچسپ جواب مليو ته ‘اسان هي ڊيٽا پبلڪ نٿا ڪري سگهون، ان مان به قومي سلامتيءَ کي خطرو ٿي سگهي ٿو.’ڇهين صحافي پنجاب ۾ پوليس مقابلن بابت معلومات گهري کيس معلومات ڏيڻ بدران سمن جاري ٿيو ته ‘پيش ٿيو، نه ته توهان کي گرفتار ڪري پيش ڪيو ويندو.'”هڪ طرف ماهرن جو خيال آهي ته هي قانون عام شهريءَ کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي ۽ هي هڪ مفيد قانون آهي. جڏهن ته ٻئي طرف ڪيترائي ماڻهو چون ٿا ته هي قانون بي اثر آهي ۽ ان جو ڪو خاص اثر نٿو ٿئي.بي بي سي موجب رائيٽ ٽو انفارميشن بابت سوشل ميڊيا پيجز غير فعال نظر آيا، ۽ ويب سائيٽ تي به ڪا خاص سرگرمي نظر نه آئي. ان سان گڏ اسان آر ٽي آءِ استعمال ڪندڙ ماڻهن سان به ڳالهايو، انهن دعويٰ ڪئي ته ‘ڪيس جي رجسٽريشن تي جيڪي ميسيج ايندا هئا، اهي به هاڻي اچڻ بند ٿي ويا آهن.’قانون کي ٻيهر ڏسڻ جي ضرورت آهي. هتي هڪ قبولي/جوابدهي جو ماحول ناهي. بنيادي دستاويز ۽ نوٽيفڪيشن جيڪي پهرين آسانيءَ سان ملي ويندا هئا، هاڻي انهن معاملن ۾ به ايتري رازداري رکي وڃي ٿي جو اهي ملڻ تمام ڏکيو ٿي ويا آهن.