ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪار انيل ڪپور پنهنجي نئين راندين واري پروگرام جي ميزباني دوران پنهنجي شادي شده زندگي جي شروعاتي ڏينهن سان لاڳاپيل دلچسپ ۽ جذباتي ڳالهيون شيئر ڪيون آهن.
انيل ڪپور ٻڌايو ته سندس زال سنيتا شادي لاءِ واضح شرط رکي هئي ته هوءَ ڪڏهن به رڌڻي ۾ وڃي کاڌو نه پچائيندي.
هن چيو ته سنيتا جي اها شرط ٻڌي مون سوچيو ته مان ايتري محنت ڪريان جو ڪامياب ٿي وڃان، جيئن سنيتا کي رڌڻي ۾ وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوي.
انيل ڪپور جو چوڻ هو ته هن اها ذميواري پاڻ کنئي ۽ اڄ تائين سنيتا ڪڏهن به رڌڻي ۾ داخل نه ٿي آهي.
فلم ’ڪوئن‘ جو ذڪر اچڻ تي انيل ڪپور ٻڌايو ته ڪم جي مصروفيتن سبب شادي کان پوءِ سندس زال سنيتا اڪيلي ئي سير سفر لاءِ هلي وئي هئي.
انيل ڪپور ٻڌايو ته سنيتا هڪ امير بينڪر جي ڌيءَ ۽ ڪامياب ماڊل هئي، جڏهن ته ان وقت وٽس ٽيڪسي جو ڀاڙو ڏيڻ لاءِ به پئسا نه هوندا هئا ۽ سنيتا پاڻ سندس ڀاڙو ادا ڪندي هئي.
هن محبت جو اظهار ڪندي چيو ته ”سنيتا ئي منهنجي دل جي اصل راڻي آهي ۽ هميشه رهندي.“