راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي وفد پاڪ فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل عاصم منير سان جنرل هيڊڪوارٽرز راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، آمريڪي وفد افغانستان ۾ آمريڪا جي 20 سالا جنگ جو جائزو وٺي رهيو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، آمريڪا جي افغانستان جنگ بابت جوڙيل ڪميشن ۾ شامل شميلا اين چوڌري ۽ ڊاڪٽر ڪولن ايف جيڪسن فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير افغانستان ۾ ڊگهي تڪرار دوران پاڪستان کي پيش آيل چئلينجن تي روشني وڌي.
هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تڪرار جي اسٽريٽجڪ، سفارتي ۽ عملي رخن جو جائزو وٺندي علائقائي تناظر ۽ پاڪستان جي تجربن کي به نظر ۾ رکڻ ضروري آهي.
بيان موجب، آمريڪي وفد افغانستان جي تڪرار دوران پاڪستان جي ڊگهي مدي واري ڪردار ۽ قربانين جو اعتراف ڪيو ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو.
You might also like