بالي ووڊ اداڪار سشانت سنگهه راجپوت جي ڀيڻ شويتا سنگهه ڪيرتي پنهنجي ڀاءُ جي موت بابت هڪ ڀيرو ٻيهر اهم انڪشاف ڪيا آهن.
هڪ تازي وڊيو ۾ شويتا چيو آهي ته سشانت جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ هڪ شخص کيس ٻڌايو هو ته واقعي ۾ پستول جو استعمال ڪيو ويو هو، جڏهن ته اداڪار جي ٽنگ به ڀڳل هئي.
شويتا موجب کيس پوسٽ مارٽم ڪندڙ شخص کان اهڙي ڄاڻ ملي، جنهن ۾ سشانت جي جسم تي سخت تشدد ڪرڻ جو به ذڪر هو. هن هن اهو به انڪشاف ڪيو ته سندس ڀاءُ جي اکين کي نقصان پهچايو ويو هو.
جڏهن ته شويتا پوسٽ مارٽم ڪندڙ ان شخص جو نالو ظاهر نه ڪيو ۽ نه ئي اهو ٻڌايو ته اها ڄاڻ کيس ڪهڙين حالتن ۾ ملي.
ڀاءُ سان پيش آيل واقعي جو ذڪر ڪندي شويتا جذباتي ٿي وئي ۽ سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون. هن چيو ته جڏهن ڪو واقعو پاڻ سان پيش اچي ته انسان ڪڏهن ڪڏهن ذميوار شخص کي معاف ڪرڻ جي گنجائش پيدا ڪري سگهي ٿو، پر جڏهن تڪليف ڪنهن اهڙي ماڻهو سان لاڳاپيل هجي، جنهن سان اوهان بيحد محبت ڪندا هجو، ته ان کي معاف ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو هوندو آهي.
شويتا چيو ته هوءَ پنهنجي اندر نفرت، بدلي يا رنجش کي جاءِ ڏيڻ نٿي چاهي. سندس چوڻ هو ته سندس زندگيءَ جو مقصد محبت، ايمان ۽ نيڪي جي واٽ تي قائم رهڻ ۽ خدا لاءِ بيهڻ آهي.
سشانت سنگهه راجپوت جون 2020ع ۾ مئل حالت ۾ مليو هو ۽ سندس موت جون حالتون اڄ به عوامي سطح تي بحث جو موضوع بڻيل آهن. شويتا ڪيترن ئي موقعن تي پنهنجي ڀاءُ جي موت بابت سوال اٿاريندي رهي آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته هوءَ انهن سوالن جا جواب ڳولڻ جي ڪوشش جاري رکندي اچي.
شويتا پاران تازو ڪيل ڳاليهون سندس ذاتي موقف طور سامهون آيون آهن، جن جي آزاد ذريعن کان هن گفتگو ۾ وڌيڪ تصديق پيش نه ڪئي وئي آهي.