ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي شير شاهه ۾ رهائشي عمارت اندر موجود آئل ڊپو ۾ باهه لڳي وئي، فائر برگيڊ اختيارين موجب باهه کي ٽئين درجي جي نوعيت جي قرار ڏنو ويو ، پوليس موجب گهٽي ۾ تيل پکڙجي ويو آهي ۽ باهه سبب ٻن ٻارن سميت پنج ماڻهو زخمي ٿيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ريسڪيو ذريعن موجب باهه سبب زخمي ٿيلن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته سڀئي ماڻهو باهه سبب وهڻندڙ تيل جي تپش ۽ سڙڻ سان متاثر ٿيا آهن، پوليس جي شروعاتي جاچ موجب، جتي باهه لڳي، اُتي شمع سازي (ميڻ بتي ٺاهڻ) جو ڪارخانو هو، باهه متاثر ٿيل گهرن کي جزوي طور تي لپيٽ ۾ ورتو، ريسڪيو ذريعن ٻڌايو ته زخمي ٿيل ٻارڙي علاج دوران فوت ٿي وئي آهي، پوليس موجب گئس لائين مان فراهمي سبب باهه جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو هو، گئس ۽ بجلي جي فراهمي عارضي طور بند ڪئي وئي آهي.