پاڪ افغان ڇڪتاڻ: دهشتگردي کي شڪست ڪيئن ڏئي سگهجي ٿي؟

تحرير: زاهد حسين

پاڪستاني فورس ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ ٿيل شديد جهڙپن کان پوءِ شايد بندوقون ڪجهه وقت لاءِ خاموش ٿي ويون هجن، پر اها خاموشي ڪنهن به وقت ٻيهر باهه بڻجي ڀڙڪي سگهي ٿي. هي پهريون موقعو ناهي، جو ٻنهي ملڪن جي فورسن ۾ ٽڪراءُ ٿيو هجي، پر تازيون جهڙپون شدت ۽ تباهيءَ جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ هيون. ڪيترائي ڪلاڪ پاڪستان جي زميني ۽ هوائي فوج افغانستان جي اندر لاڳيتو علائقن ۾ بمباري ڪئي. ٻڌايو ويو ته هيءَ ڪارروائي افغان طالبان پاران پاڪستاني چوڪين تي حملي جي جواب ۾ ڪئي وئي. ٻنهي پاسن کان ڳري جاني نقصان جون رپورٽون سامهون آيون آهن. جهيڙو تڏهن شروع ٿيو، جڏهن مبينا طور پاڪستاني هوائي فوج جي جيٽ جهازن ۽ ڊرونن سرحد پار دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. انهن هوائي حملن جا مرڪزي هدف تحريڪ طالبان پاڪستان جا اڳواڻ هئا، خاص طور تي نور ولي محسود کي نشانو بڻايو ويو، جنهن کي پاڪستاني سيڪيورٽي فورس تي ٿيل تازن حملن جو مبينا ماسٽر مائينڊ چيو پيو وڃي. ان جي مارجڻ جون  بابت متضاد خبرون سامهون آيون آهن.

جيئن ته پاڪستان سڌيءَ طرح اهو نه چيو آهي ته هو ڪابل يا ٻين شهرن ۾ ٿيل ڌماڪن ۾ ملوث آهي، پر هن اهو واضح ڪيو آهي ته کيس پنهنجي سرحد پار کان ٿيندڙ حملا روڪڻ لاءِ دفاع جو حق حاصل آهي. صرف هن مهيني ۾ ئي ٽي ٽي پي جي مختلف ڌڙن جي حملي ۾ فوجي آفيسرن سميت ڪيترائي سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن. هي سال، گذريل ڏهاڪي جو سڀ کان وڌيڪ خونريز سال ثابت ٿيو آهي. هاڻي لڳي ٿو ته افغان طالبان حڪومت خلاف پاڪستان جو صبر ختم ٿي چڪو آهي، ڇڪتاڻ ۾ تڏهن اضافو ٿيو، جڏهن پاڪستان دعويٰ ڪئي ته ان وٽ ثبوت موجود آهن ته افغان طالبان جي ڪجهه عنصر پاڪستان اندر ٿيندڙ دهشتگرد حملن ۾ ملوث آهن. هي پهريون دفعو ناهي، جو پاڪستاني هوائي فوج افغانستان اندر دهشتگردن کي نشانو بڻايو هجي، پر چيو وڃي ٿو ته تازيون بمباريون سڀ کان وڌيڪ تباهه ڪن هيون. ماضي ۾ اهڙين ڪجهه ڪاررواين جي تصديق پاڪستان طرفان ڪئي به وئي هئي. افغانستان جي خودمختياريءَ تي حملو قرار ڏيندي، طالبان جواب ۾ پاڪستاني چوڪين تي حملا ڪيا ۽ ڪيترن ئي فوجين کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي.

جيتوڻيڪ جنگ عارضي طور رڪجي وئي آهي، پر صورتحال اڃا تائين ڳنڀير آهي. سرحدون مڪمل بند ٿي چڪيون آهن، جنهن سبب ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ اچ وڃ معطل ٿي وئي آهي. ٻن پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سڄي خطي جي سلامتي لاءِ سنگين خطرو بڻجي سگهي ٿي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهي جهيڙا ان وقت ٿيا، جڏهن پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم اسحاق ڊار جي ڪابل دوري کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪجهه مثبت اشارا ڏسڻ ۾ آيا هئا ۽ پاڪستان فيصلو ڪيو هو ته ڪابل سان سفارتي لاڳاپا بهتر ڪيا وڃن. چين به ان عمل ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪيو هو. ٻنهي ملڪن ۾ سرڪاري سطح تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڳالهيون جاري هيون ۽ پاڪستان ڪجهه تجارتي رستا به کوليا هئا، جيڪي مهينن کان بند هئا. تازو ئي ٻنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير ماسڪو فارميٽ جي اجلاس ۾ به مليا هئا، پر سرحدي جهيڙن کان پوءِ سڄي صورتحال چند ڏينهن ۾ تبديل ٿي وئي.

پاڪستان جو وفد، جيڪو هڪ معمولي هفتيوار ملاقات لاءِ افغانستان وڃڻ وارو هو، ان جي ميزباني  کان ڪابل انڪار ڪري ڇڏيو. قابلِ ذڪر ڳالهه اها آهي ته ڇڪتاڻ ان وقت وڌي، جڏهن افغان طالبان جو پرڏيهي وزير ڀارت جي دوري تي هو. گذريل ڪجهه مهينن دوران ڪابل ۽ دهليءَ جي لاڳاپن ۾ نمايان بهتري آئي آهي، جڏهن ته ساڳئي وقت ڀارت ۽ پاڪستان جا لاڳاپا شديد تڪرارن جو شڪار رهيا آهن. نئين دهليءَ اڃا تائين طالبان حڪومت کي باضابطا تسليم ته ناهي ڪيو، پر هاڻي ان ڪابل ۾ پنهنجي آفيس کي سفارتخاني جي سطح تي بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هي تبديلي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته ڀارت جو رويو طالبان ڏانهن هاڻي اڳ کان بلڪل مختلف آهي. ماضيءَ ۾ ڀارت طالبان کي پاڪستان جي پراڪسي قرار ڏيندو رهيو آهي، پر هاڻي علائقائي سياست ۾ ”منهنجي دشمن جو دشمن، منهنجو دوست“ واري پاليسيءَ تحت نوان اتحاد ٺهي رهيا آهن.

دهلي ۽ ڪابل جا وڌندڙ لاڳاپا پاڪستان لاءِ فڪرمنديءَ جو سبب بڻجي رهيا آهن، ڇو ته اهو تاثر وڌي رهيو آهي ته پراڻو ڀارت افغان اتحاد ٻيهر زنده ٿي رهيو آهي، جيڪو پاڪستان جي اولهه سرحد لاءِ نئون خطرو بڻجي سگهي ٿو. پاڪستان جا سيڪيورٽي ادارا ڊگهي عرصي کان ڀارت تي الزام لڳائيندا آيا آهن ته هو ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد گروهن جي مدد ڪري ٿو، جيڪي پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ڪن ٿا. اهو به سچ آهي ته سرحد پار دهشتگردن جي ٺڪاڻن مان پاڪستان کي سلامتيءَ جا خطرا لاحق آهن، پر اها ملڪ ۾ وڌندڙ دهشتگرديءَ جو واحد سبب نه آهي. اسان کي پنهنجي دهشتگردي خلاف پاليسين جي ناڪاميءَ تي به نظر وجهڻي پوندي. حقيقت اها آهي ته اسان وٽ ڪڏهن به هن وجودي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو  ڊگهي مدت جي رٿا ۽ منظم حڪمتِ عملي نه رهي آهي. اسان جي غير مستقل مزاجي ۽ سياسي تڪرار  ئي  دهشتگردي ۾ اضافي جو وڏو سبب بڻيا آهن.

فوج جي ترجمان پشاور ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ الزام سياسي قيادت تي هنيو آهي ته انهن هزارين ٽي ٽي پي جي ويڙهاڪن کي ملڪ واپس اچڻ جي اجازت ڏني. پر حقيقت اها آهي ته ان وقت جا سڀ ادارا ان عمل ۾ شامل هئا. انهن ويڙهاڪن کي بنا شرط واپس اچڻ جي اجازت ڏني وئي، جن ۾ ڪيترائي انتهائي خطرناڪ دهشتگرد به شامل هئا. ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو سڀ ڪجهه افغان طالبان حڪومت جي دٻاءَ تي ڪيو ويو، جيڪا ان وقت پاڪستان جي ويجهي ساٿي طور ڏٺي پئي وئي. سوال اهو آهي ته ڇا اهڙو عمل حڪومت جي منظوريءَ کان سواءِ ممڪن هو؟ ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته حڪمتِ عمليءَ جي لحاظ سان ملڪ جا ٻه اهم صوبا ــ خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ــ جيڪي دهشتگرد حملن جو مرڪز بڻيا آهن، انهن ۾ سياسي افراتفري ۽ بي يقينيءَ سبب انتهاپسند گروهن کي ٻيهر سرگرم ٿيڻ جو موقعو مليو آهي.

حڪومت جيڪا ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ناهي، اُها هي آهي ته دهشتگرديءَ ۾ اضافي جو سڌو تعلق سياسي عدم استحڪام سان آهي. صرف فوجي ڪارروايون شرپسنديءَ کي شڪست نٿيون ڏئي سگهن. خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي عوام ۾ وڌندڙ سياسي بي يقيني سڀ کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ آهي. انهن علائقن ۾ مقامي آبادي ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وچ ۾ اعتماد جو وڏو خلا موجود آهي، جيڪو دهشتگرديءَ خلاف جنگ کي وڌيڪ ڏکيو بڻائي ٿي. سڀ ذميواريون صرف ٻاهرين طاقتن تي وجهڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو. اسان کي پنهنجن اندروني معاملن کي درست ڪرڻو پوندو. ڪو به ملڪ بغير عوامي حمايت جي شورش کي ڪاميابي سان منهن نٿو ڏئي سگهي. ان ڪري لازمي آهي ته حڪومت پنهنجي عوام جي بيچيني، سياسي مايوسي ۽ معاشي محروميءَ کي سمجهي، ڇو ته دهشتگرديءَ جو خاتمو بندوقن سان نه، پر انصاف، اتفاق ۽ اعتماد سان ممڪن آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.