افغانستان کان ايران تائين: عالمي طاقتن جا وڇايل ڄار ۽ چين جي بقا جو سوال

فرنود عالم

چين هن وقت اهڙي لشڪر وانگر آهي، جنهن جي سامهون باهه آهي ۽ پٺيان سمنڊ. چين جي واپاري دوستن تي ڏکيو وقت اچي ويو آهي ۽ بيجنگ کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڇا هو پنهنجن دوستن کي هڪ هڪ ڪري ختم ٿيندو ڏسندو رهندو يا پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ ڪا واضح تبديلي آڻيندو. القاعده، طالبان ۽ وينزويلا جي معاملن کان پوءِ هاڻي ايران ۾ به حالتون بدلجي چڪيون آهن ۽ رهبرِ اعليٰ سيد خامنه اي کي سڌي طرح نشانو بڻايو ويو آهي.

علائقي ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ عالمي طاقتن کي نئين مداخلت جي دعوت ڏئي رهي آهي. تجزيه نگار موجب دنيا نظرين ۽ عقيدن ۾ الجهيل آهي، جڏهن ته طاقت کي انهن معاملن سان ڪو خاص واسطو ناهي، ڇو ته جنگن ۾ شهرين جي آزادي نه پر زندگي بنيادي سوال بڻجي وڃي ٿي.

جنگ ڪنهن به سماج لاءِ نه ختم ٿيندڙ تنگي ۽ بي يقيني کڻي اچي ٿي. آمريڪا جڏهن افغانستان ۽ عراق ويو ته دعويٰ اهو ڪيو ويو ته شهرين کي بهتر زندگي ڏني ويندي، پر نتيجو اهو نڪتو ته جيڪو ڪجهه انهن وٽ اڳ ۾ هو، اهو به تباهه ٿي ويو.

جنگ جي قيمت هر طبقي کي ادا ڪرڻي پوي ٿي، ڀلي اهو مذهبي طبقو هجي يا لبرل، پر نظرياتي ذهن اڪثر هن گڏيل اثر کان بي خبر رهندو آهي ۽ شايد اها ئي ان جي سڀ کان وڏي عياشي آهي.ايران جي مهسا اميني جي حقن بابت ماتم ته ڪيو ويندو آهي، پر جنگ جي ابتدائي لهر ۾ پنهنجون جانيون وڃائيندڙ معصوم نياڻين جي الميي تي خاموشي هڪ وڏو سوال بڻجي وڃي ٿي.جڏهن زندگيءَ جو ڏيئو ئي وسامي وڃي ته پوءِ حقن يا پابندين جا سوال بي معنيٰ ٿي وڃن ٿا. نظرياتي سوچ انسان کي انهن بنيادي حقيقتن کان پري ڪري ڇڏيندي آهي، جنهن جو بار آخرڪار عام شهرين کي کڻڻو پوندو آهي.

اهو سمجهڻ ته آمريڪا کي افغانستان ۾ شڪست ٿي، هڪ وڏو فڪري مغالطو آهي. افغانستان ڪو اهڙو علائقو نه هو جيڪو آمريڪا جو حصو هجي، بلڪه اهو هڪ بيس ڪيمپ هو، جنهن کي ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ختم ٿيڻو ئي هو.طاقت ڪڏهن به پنهنجو بيس ڪيمپ اوچتو خالي ڪري نه ويندي آهي، پر پٺيان اهڙا تڪرار ڇڏي ويندي آهي جيڪي ان جي مفادن جو تحفظ ڪندا رهن.

فلسطين، پاڪ- ڀارت ۽ پاڪ- افغان تڪرار به انهيءَ حڪمت عملي جو نتيجو آهن. طالبان کي آندو نه ويو هو، بلڪه کين باقاعده اتي ڇڏي ڏنو ويو ته جيئن هو علائقي ۾ ڪنهن وڏي واپاري سرگرمي لاءِ رڪاوٽ بڻيل رهن. اهي تڪرار دراصل عالمي طاقتن لاءِ مداخلت جو مستقل جواز فراهم ڪن ٿا. طالبان حڪومت هن وقت اهڙي ڊرائيور وانگر آهي جنهن کي گاڏي ته ڏني وئي آهي، پر لائسنس جاري ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي، جيئن هو رڳو دائري ۾ گهمندو رهي ۽ تڪرارن جو سبب بڻيل رهي. پاڪستان جو موقف آهي ته افغان طالبان نه رڳو ٽي ٽي پي جي حمايت ڪري رهيا آهن، پر سندن اختيار ڪيل اسلامائزڊ نيشنل ازم به انهن دهشتگردن کي طاقت ڏئي رهيو آهي.

پاڪستان چاهي ٿو ته طالبان ٽي ٽي پي کي ڪنٽرول ڪن، پر طالبان ٻن سببن جي ڪري هن مطالبي کي مڃڻ کان لنوائين ٿا.پهريون سبب اهو آهي ته سندن پنهنجا پراڻا ويڙهاڪ اهو سوال اٿاريندا ته ڇا انهن قربانيون پنهنجي ئي جهڙن نظرياتي ساٿين خلاف اعلانِ برات لاءِ ڏنيون هيون؟ ٻيو سبب اهو آهي ته جيڪڏهن طالبان ٽي ٽي پي کي روڪين ٿا ته ردعمل طور اهي داعش جو حصو بڻجي سگهن ٿا، جنهن سان افغانستان جي اندروني سلامتي وڌيڪ خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. موجوده صورتحال اها آهي ته هن سڄي تڪرار ۾ عالمي طاقتون رڳو تڪرار سان گڏ بيٺل نظر اچن ٿيون، جيئن هو هن خطي ۾ پنهنجن مفادن ۽ مداخلت جو جواز برقرار رکي سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.