رسول بخش پليجي جي تاريخ ۽ عوامي آواز سان سندس احترام وارو تعلق

سنڌ جي سياسي، ادبي ۽ فڪري تاريخ ۾ ڪجهه شخصيتون اهڙيون آهن، جيڪي پنهنجي دور تائين محدود ناهن رهنديون، پر ايندڙ نسلن جي سوچ، شعور ۽ جدوجهد تي به گهرو اثر ڇڏينديون آهن. رسول بخش پليجو اهڙين ئي نادر ۽ غيرمعمولي شخصيتن مان هڪ هو. سندس ورسي رڳو هڪ سياسي اڳواڻ کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن ناهي، پر اها سنڌ جي قومي شعور، جمهوري جدوجهد، علم دوستي ۽ ترقي پسند فڪر جي هڪ مڪمل دور کي ياد ڪرڻ جو موقعو به آهي.

رسول بخش پليجو پنهنجي زندگيءَ جو هر لمحو عوام جي حقن، جمهوريت، عورتن جي آزادي، قومي برابري ۽ علم جي واڌاري لاءِ وقف ڪيو. هو صرف هڪ سياستدان نه هو، پر هڪ مفڪر، اديب، قانوندان، ڀٽائي شناس، استاد ۽ سماجي سڌارڪ پڻ هو. سندس شخصيت جا ڪيترائي پهلو آهن، جن مان هر هڪ الڳ تحقيق جو موضوع بڻجي سگهي ٿو.

سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ رسول بخش پليجي جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو آهي ته هن سياست کي صرف اقتدار حاصل ڪرڻ جو ذريعو نه سمجهيو، پر ان کي شعور پيدا ڪرڻ ۽ سماج کي تبديل ڪرڻ جو وسيلو بڻايو. سندس قائم ڪيل عوامي تحريڪ صرف هڪ سياسي جماعت نه هئي، پر هڪ فڪري ۽ نظرياتي درسگاهه هئي. هن هميشه زور ڏنو ته سياسي ڪارڪن کي پڙهيل، باخبر ۽ نظرياتي طور مضبوط هجڻ گهرجي.

رسول بخش پليجي جي قائداڻي صلاحيت جو وڏو ثبوت اهو آهي ته هن سنڌ جي هزارين نوجوانن کي منظم ڪري انهن ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو. هو نوجوانن کي ڪتاب پڙهڻ، تاريخ سمجهڻ، عالمي سياسي تحريڪن جو مطالعو ڪرڻ ۽ سماجي مسئلن تي تنقيدي سوچ پيدا ڪرڻ جي ترغيب ڏيندو هو. سندس ويجهو رڳو نعرا هڻڻ سان تبديلي نه ايندي آهي، پر ان لاءِ علم، شعور ۽ فڪر جي ضرورت هوندي آهي.

رسول بخش پليجي جي شخصيت جي انيڪ پاسن مان هڪ اهم پاسو سندس وسيع مطالعو هو. هو دنيا جي تاريخ، فلسفي، ادب، قانون، سياست ۽ سماجيات تي غيرمعمولي دسترس رکندو هو. سندس تقريرون ۽ تحريرون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته هو رڳو سنڌي سياست تائين محدود نه هو، پر عالمي فڪري تحريڪن کان به چڱيءَ ريت واقف هو. سندس گفتگوءَ ۾ مقامي مسئلن سان گڏ عالمي تناظر به موجود هوندو هو.

ادبي حوالي سان به رسول بخش پليجو هڪ معتبر نالو آهي. سندس ڪتاب ۽ مقالا سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت رکن ٿا. هن سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري، ادبي تنقيد ۽ فڪري ادب جي فروغ لاءِ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس تحريرن ۾ علمي پختگي، تاريخي شعور ۽ منطقي استدلال نمايان نظر اچي ٿو.

رسول بخش پليجي جي ڀٽائي شناسي پڻ سندس علمي عظمت جو هڪ اهم باب آهي. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي صرف هڪ صوفي شاعر طور نه، پر هڪ انقلابي مفڪر، انساني آزاديءَ جي علمبردار ۽ سماجي تبديليءَ جي پيغامبر طور پيش ڪيو. سندس ڀٽائي بابت تحقيق ۽ تجزيو نوجوان نسل کي شاهه لطيف جي فڪر کي نئين انداز سان سمجهڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هن ثابت ڪيو ته ڀٽائي جو پيغام صرف روحانيت تائين محدود نه آهي، پر ان ۾ مزاحمت، خودداري، برابري ۽ انسان دوستي جا عظيم سبق به شامل آهن.

سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ رسول بخش پليجي جو هڪ  تاريخي ڪارنامو عورتن جي سياسي نمائندگي لاءِ سندس جدوجهد آهي. جڏهن عورتن جي سياست ۾ شرڪت کي اڃا گهڻو قبول نه ڪيو ويندو هو، تڏهن رسول بخش پليجي عورتن کي سياسي ميدان ۾ اڳتي آڻڻ لاءِ عملي قدم کنيا. هن نه صرف عورتن جي سياسي تربيت ڪئي، پر انهن کي قيادت جا موقعا پڻ فراهم ڪيا. اڄ سنڌ ۽ پاڪستان جي سياسي منظرنامي ۾ جيڪي ڪيترائي باصلاحيت عورت اڳواڻ نظر اچن ٿيون، انهن جي سياسي تربيت ۽ حوصلا افزائي ۾ رسول بخش پليجي جو ڪردار نمايان رهيو آهي. عورتن کي قومي ۽ سياسي جدوجهد جو برابر حصيدار بڻائڻ سندس روشن خيال ۽ ترقي پسند سوچ جو زنده ثبوت آهي.

سنڌي صحافت سان پڻ سندس تعلق احترام ۽ شفقت وارو رهيو. روزاني عوامي آواز سان سندس رويو هميشه اتساهيندڙ ۽ حوصلا افزا رهيو. هو صحافت کي سماج جي رهنمائي ڪندڙ قوت سمجهندو هو. ان حوالي سان اها ڳالهه به وڏي اهميت رکي ٿي ته رسول بخش پليجي پنهنجي زندگيءَ جو آخري انٽرويو شعوري طور روزاني عوامي آواز کي ڏنو.  سال 2018 ۾ شديد علالت باوجود اسپتال مان ڪجهه دير لاءِ نڪري عوامي آواز  جي آفيس ۾ پاڻ آيو ۽ چيائين ته ”مان وڃڻ وارو آهيان سو خواهش هئي ته عوامي آواز اخبار کي انٽرويو ڏيان ان انٽرويو جو ڪجهه حصو يادگيري طور پاڻ ڪالهه 6 جون واري اخبار ۾ فرنٽ پيج تي شايع ڪيو هو. اهو عوامي آواز لاءِ يقينن اعزاز آهي ته قائد انقلاب ۽ مفڪر سياستدان رسول بخش پليجي صاحب پنهنجي زندگي جو آخري انٽرويو عوامي آواز کي پنهنجي زندگي جو آخري انٽرويو عوامي آواز اخبار سان سندس جذباتي وابستگي کي ظاهر ڪري ٿو.

رسول بخش پليجو صاحب جسماني طور اڄ اسان ۾ موجود نه آهي، پر سندس فڪر، ڪتاب، جدوجهد ۽ تربيت يافته ڪارڪن اڄ به سندس موجودگيءَ جو احساس ڏيارين ٿا. سنڌ جي تاريخ ۾ سندس نالو هڪ اهڙي روشن مينار طور هميشه ياد رکيو ويندو، جنهن ڪيترن ئي نسلن کي علم، شعور، مزاحمت ۽ انسان دوستي جو رستو ڏيکاريو. سندس زندگي يقيناً ايندڙ نسلن لاءِ فڪر، جدوجهد ۽ خدمت جو هڪ لازوال مثال آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.