ماءُ ڀيڻ: ججمينٽل سماج جي منهن تي هڪ چماٽ

تحرير: سرمد سولنگي

ويجهڙ ۾ نيٽ فليڪس تي رليز ٿيل فلم ماءُ ڀيڻ ڏٺم، جنهن ۾ ماضيءَ جي ڊانسنگ ڪوئين ماڌوري ڊڪشت ۽ موجوده دور جي حسينا ترپتي دمري مک ڪردارن ۾ نظر اچن ٿيون، ٻين اداڪارن ۾ ڌارنه دُرگا، روي ڪشن، اروندي سنگهه ۽ گيتانجلي ڪُلڪرني شامل آهن.
فلم مزاح ۽ تجسس سان گڏ هڪ اهم سماجي پيغام به ڏئي ٿي ته ننڍي کنڊ ۾ هڪ اڪيلي عورت (سنگل وومين) لاءِ معاشري ۾ جيئڻ ڪيترو ڏکيو آهي. ججمينٽل سماج ۾ رهندي اسان شين کي پاڻ سمجهڻ ۽ پرکڻ بدران اهو طئي ڪري ويهندا آهيون ته جيڪو ڪجهه اسان کي ڏيکاريو يا ٻڌايو پيو وڃي، اهو ئي سچ آهي.
پر هٿ ٺوڪي مهذب سوسائٽيءَ جي فريم ورڪ ۾ ”مس فٽ“ بڻايل فردن جي ڪهاڻين کي ڪو به کوٽي نٿو، سچ جي ڳولا لاءِ به ڪو نٿو نڪري.

ڪهاڻيءَ جو مختصر جائزو
فلم جي ڪهاڻي ڪجهه هن ريت آهي ته ريکا (ماڌوري ڊڪشت) هڪ اڪيلي ماءُ آهي. سندس وڏي ڌيءَ جَيا (ترپتي دمري) جي شادي ٿيل آهي، پر سندس ساهرن وٽ حيثيت گهرو ملازمه کان وڌيڪ ناهي.
سندس سڄو ڏينهن سهري جي خدمت، ڏيرن جي ڌوتي پوتي ۽ گهر جي ٻين ڪمن ڪارين ۾ گذري وڃي ٿو، سندس نجي ۽ ازدواجي زندگي به متاثر آهي. سندس مڙس ۾ لڇڻ ڪونهي ۽ هو پنهنجو عيب لڪائڻ لاءِ مٿس دٻدٻو قائم رکندو اچي، ساڳئي وقت، هو پنهنجي سالي سشما (ڌارنه دُرگا) سان گڏ سوشل ميڊيا تي وڊيوز ٺاهيندو رهي ٿو.
ٻئي پاسي، سُشما به ويوز ۽ فالوورز جي چڪر ۾ ڀيڻ جي احساسن کي نظرانداز ڪندي رهي ٿي، نتيجي طور، جيا جي دل ۾ به شڪ ۽ بيچيني پيدا ٿئي ٿي.
هڪ ڏينهن ريکا روئيندي جيا کي فون ڪري ٿي ۽ چوي ٿي ته گهر اچ ۽ سشما کي به ساڻ وٺي اچ، ٻئي ڀينرون حيران ٿي کانئس پڇن ٿيون ته آخر ٿيو ڇا آهي؟ ريکا ٻڌائي ٿي ته گپتا پٽَ تي پيو آهي ۽ لڳي ٿو ته مري ويو آهي، ان کان پوءِ سڄي ڪهاڻي گپتا کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي چوڌاري ڦرندي رهي ٿي.
ريکا جو ڪالونيءَ ۾ اهڙو چرتر گهڙيو ويو آهي، ڄڻ سماج جي هر بي حيائي سندس گهر مان جنم ورتو هجي، هوءَ لڳ ڀڳ ٽي ڏهاڪا اڳ شادي ڪري ڪالونيءَ ۾ آئي هئي، پر سندس مڙس جوانيءَ ۾ ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته گپتا (روي ڪشن) سندس پاڙيسري آهي.
جيڪڏهن فلم ۾ موجود اينڪر جي نظر سان ڏسجي ته گپتا هڪ بااخلاق ۽ باعزت شخص آهي، جنهن جي سوسائٽيءَ ۾ سٺي ساک آهي. جڏهن ته ريکا جي ڪيل ڪمن کي ڪالونيءَ جا شريف ماڻهو قبولڻ لاءِ تيار ناهن، جيڪڏهن ساڳيا ڪم ڪو مرد ڪري ته شايد ڪو مسئلو ئي نه هجي.
فلم ۾ ڪجهه شيون علامتي انداز ۾ پيش ڪيون ويون آهن، جن کي سمجهڻ لاءِ ڪهاڻيءَ جي گهرائيءَ ۾ وڃڻو پوندو.
مثال طور ڪمپيوٽر سينٽر وارو معاملو. ماڻهن جو خيال آهي ته ريکا اتي ايندڙن کي ايڊلٽ مواد ڏيکاريندي آهي، پر جڏهن سندس گهر تي حملو ٿئي ٿو ته هڪ منظر ۾ واضح طور تي ”سائبر ڪيفي“ لکيل نظر اچي ٿو، جيڪڏهن اسين ڏهه پندرهن سال پوئتي هليون ته اهڙا انٽرنيٽ ڪيفي هر ننڍي وڏي شهر ۾ موجود هئا، پر ڇا ان ڳالهه جو ذميوار ريکا کي قرار ڏئي سگهجي ٿو ته ڪيفي تي ايندڙ ماڻهو ڪهڙي قسم جو مواد ڏسن ٿا؟
اصل ۾ فلم جي ڪهاڻي جا ٻه رخ آهن، هڪ اهو، جيڪو رپورٽر ٻڌائي ٿو ۽ جنهن تي اسان بنا سوچ ويچار جي يقين ڪري وٺون ٿا. ٻيو اهو، جيڪو ريکا بيان ڪري ٿي ۽ جيڪو اصل سچ آهي، پر اسان ان کي قبولڻ لاءِ تيار ناهيون.
هڪ اڪيلي عورت ڪنهن سان وقت گذاري ٿي، ڪنهن سان تعلق يا رشتي ۾ آهي، ته ان بابت فيصلو ڪرڻ وارا آخر اسين ڪير آهيون؟
جيڪڏهن ڪا عورت بااختيار نموني گهر هلائي ٿي، پنهنجي ٻارن کي پڙهائي ٿي ۽ کين پنهنجي پيرن تي بيهاري ٿي ته ڇا ان جي بدلي ۾ سندس سماجي بائيڪاٽ ڪيو وڃي؟
بيشڪ انسان غلطين جو ڀنڊار آهي. عيب ۽ ثواب هر ڪنهن جي حصي ۾ آهن، پر ڪنهن کي پنهنجي محدود سوچ جو شڪار بڻائڻ کان اڳ اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته ڇا حقيقت واقعي اها ئي آهي، جيڪا اسان کي ٻڌائي پئي وڃي؟
فلم جو سڀ کان هاڪاري پاسو اهو آهي ته ماءُ ۽ ڌيئرن جي وچ ۾ ننڍين ننڍين ڳالهين تي اختلاف ۽ جهيڙا ضرور ٿين ٿا، پر ڏکئي وقت ۾ اهي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا بڻجي بيهن ٿا.مٿان وري يو پيءَ واري لهجي فلم جي مزاح ۽ دلڪشيءَ ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي. ها پر ڪجهه هنڌن تي اوور ايڪٽنگ جو احساس به ٿئي ٿو.
ان کانسواءِ ٻه منظر اهڙا آهن، جيڪي ذاتي طور مون کي تمام گهڻا وڻيا، پهريون منظر اهو آهي، جڏهن جيا پنهنجي مڙس کي سارو سچ ٻڌائي ٿي، ورهين کان سندس من اندر ٻرندڙ جوالا مکي ڦاٽي پوي ٿي ۽ هوءَ هر ان ٻنڌڻ کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏي ٿي، جيڪو سندس شخصي آزاديءَ جي راهه ۾ رنڊڪ بڻيل هو.
ٻيو منظر ڪلائمڪس وارو آهي، جڏهن ريکا گپتا کي سندس زال آڏو وائکو ڪري ٿي.
ويندي ويندي، جيڪڏهن هن فلم جو تت ڪڍجي ته اهو ئي آهي ته اهڙن مامرن ۾ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي به ٻين جي جاءِ تي رکي ڏسڻ گهرجي.
هر ڳالهه تي تڪڙو فيصلو ڪرڻ بدران سچ کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ ۽ پنهنجي عقل سان پرکڻ گهرجي، ماءُ ڀيڻ رڳو هڪ مزاحيه يا سسپنس فلم ناهي، پر اها ججمينٽل سماج، عورتن بابت ٺهيل اڳواٽ راءِ ۽ افواهن جي بنياد تي ڪيل فيصلن تي هڪ زوردار چماٽ پڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.