تهران (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي تهران ۾ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ٿي آهي.
ايراني ميڊيا جي رپورٽ موجب، ملاقات دوران محسن نقوي ايراني سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي لاءِ خاص خط سندس حوالي ڪيو.
سفارتي ذريعن موجب، محسن نقوي جو هي دورو خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ پاڪستان جي ٽياڪڙ واري ڪردار کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اهم سمجهيو پيو وڃي.
گهرو وزير جي ايراني پرڏيهي وزير ملاقات، سپريم ليڊر لاءِ پاڪستاني قيادت جو خاص پيغام پهچايو
You might also like