ڪالهه منهنجي ننڍڙيءَ لارييب، انب جو مِلڪ شيڪ ٺاهيو ۽ هڪ گلاس منهنجي آڏو رکيو ته ان جي خوشبوءِ مون کي ڄڻ ته پوئتي ڌڪي ڇڏيو. مون کي پنهنجي ننڍپڻ جي هڪ ياد اچي وئي. ٻالڪپڻ جون يادگيرون ڪاٺ جي ڪنهن پراڻي صندوق ۾ رکيل شين وانگيان هونديون آهن، جن تي ورهين جي دز ڄميل هوندي آهي. پوءِ جڏهن ايئن ئي ڪنهن سانگي ان صندوق کي کولبو آهي ته يادون ايئن ٻاهر اينديون آهن، جيئن بارش کان پوءِ مٽيءَ مان خوشبوءِ ايندي آهي.
هي تن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن مان ڇهن ستن سالن جو مس هوس. ابا مرهيات هڪ ڏينهن مون کي پاڻ سان گڏ فيصل آباد وٺي ويو. فيصل آباد تڏهن مون لاءِ هڪ شهر نه پر خواب هيو. اتي هڪ پنجابي خاندان رهندو هيو، جيڪو وڏي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ ڀارتي پنجاب جي ڪنهن علائقي کان لڏي اسان جي ڳوٺ ۾ آباد آباد ٿيو هيو. پراڻي واسطيداري هئي، محبت هئي يادون هيون. مون کي اڄ به ٿورو ٿورو ياد اچي ٿو ته فيصل آباد ڪيڏو ته مصروف شهر هيو. بازارن ۾ وڏي پيهه هئي، دڪانن تي رش هئي. مان هڪ سادي ڳوٺاڻي ٻار وانگر هر شئي کي حيرت وِچان ڏسي رهيو هوس. اسان جو ميزبان اسان کي ڀاوانا بازار وٺي ويو، جتي سندس انگوڇن، ٽوالن، گوڏين ۽ رومالن جو وڏو دڪان هيو. هن بازار مان مون کي خريداري ڪرائي ۽ جام رانديڪا به وٺي ڏنا. پوءِ اسان فيصل آباد جي مشهور گھنٽا گھر وٽ آياسين. جون جو مهينو هيو، هوا ڏاڍي ڪوسي هئي، تيز اُس به هئي ۽ جون ۾ ته انبن جي موسم به پنهنجي جوڀن تي هوندي آهي. اسان هڪ هنڌ ويٺاسين ۽ انب جي مِلڪ شيڪ جو آرڊر ڏنو ويو. اڄ مان سوچيان ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته اهو عام مِلڪ شيڪ ڪونه هو، وقت جو هڪ اهڙو گلاس هيو جنهن ۾ ايندڙ ڏهاڪن جي هڪ ياد گڏاڙيل هئي. مان گلاس هٿ ۾ جهليو ڪاٺ جي بينچ تي ويٺو هوس ته اوچتو هڪ وڏي عمر جو ماڻهو اتي اچي ويو. سادو، ماٺيڻو، ڪو ظاهري ٺاهه ٺوهه ڪونه. اسان جو ميزبان هڪدم اٿيو، ساڻس مليو، خير خيريت پڇيايئن. هن اسان جو ٻڌايو ته اسان سنڌ مان آيا آهيون ته هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اسان سان گڏ ويهجي ويو، هن وڏي پيار مان منهنجي مٿي تي هٿ گھمايو. ننڍپڻ ۾ اسان کي خبر ناهي هوندي ته ڪير وڏو ماڻهو آهي، ڪير مشهور آهي، ڪير تاريخ آهي. اسان کي رڳو اهو ياد هوندو آهي ته ڪنهن هٿ ۾ شفقت هئي. هن به انب جو مِلڪ شيڪ پيتو، جڏهن پئسا ڏيڻ لڳو ته اسان جي ميزبان محبت مان کيس روڪيو. چند گهڙين جي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ پوءِ هو موڪلائي هليو ويو.
بس، ايتري ئي ڳالهه هئي . هڪ عام واقعو – هڪ ٻارڙي لاءِ بلڪل غير اهم – پر زندگي عجيب شيءَ آهي. اها ڪجهه معمولي گهڙين کي سالن پڄاڻان غير معمولي بڻائي ڇڏيندي آهي. وقت گذرندو رهيو، پرائمري اسڪول ختم ٿيو، مڊل اسڪول شروع ٿيو، ڪتابن، رسالن ۽ ادب سان تعلق جڙيو. هڪ ڏينهن اتفاق سان هڪ اردو رسالو "رابطه” مون کي مليو، مان ان جا ورق پئي اٿلايا، هڪ صفحي تي هڪ شاعر جو نظم هيو. مان پڙهڻ لڳس. شايد لفظن ۾ احتجاج هيو، درد هيو، سچ هيو. ابا ڀرسان ويٺي پنهنجي سائيڪل پيو صاف ڪري. هو اٿيو ته سندس نظر ان ورق تي پئي. سندس چهري تي حيرت اچي وئي. هن چيو "پٽ! توکي ياد آهي ته مان توکي هڪ ڀيري فيصل آباد وٺي ويو هوس. اسان انب جو شيڪ پيتو هيو ۽ اسان سان هڪ ماڻهو اچي مليو هو؟” مان ڪجهه ياد ڪرڻ لڳس، پر هن ٻڌايو "اهو ماڻهو حبيب جالب هيو، جنهن جي تون شاعري پڙهي رهيو آهين.” اهو ٻڌندي ئي مون کان ذري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو. شايد منهنجي اندر ڪو دروازو کلي ويو. مان سوچ ۾ پئجي ويس. ڇا واقعي؟ اهو سادڙو ماڻهو؟ جنهن منهنجي مٿي تي هٿ رکيو هو؟ جنهن مون سان گڏ ويهي مِلڪ شيڪ پيتو هو؟ اهو حبيب جالب؟ اهوئي حبيب جالب، جنهن جي شاعري حڪومتن کي اوکي لڳندي هئي؟ اهوئي حبيب جالب، جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ آڏو بيهجي ويندو هيو؟ ها! اهوئي حبيب جالب، جنهن چيو هيو ته: "ايسي دستور ڪو، صبح بي نور ڪو، مَين نهين مانتا، مَين نهين مانتا.”
تنهن ڏينهن مون کي پهريون ڀيرو سمجھه ۾ آيو ته وڏا ماڻهو رڳو ويس وڳن ۾ ناهن هوندا – اهي عام ڪپڙن ۾، ماٺيڻن لهجن ۾ ۽ ٻارڙن جي مٿي تي هٿ گھمايئندي ملي ويندا آهن. مون کي افسوس ٿيندو آهي. ڪاش! تنهن ڏينهن منهنجي عمر وڌيڪ هجي ها، ڪاش! مون کي سُڌ هجي ها ته منهنجي ڀرسان ويٺل شخص اردو ٻوليءَ جي مزاحمتي شاعريءَ جو هڪ عهد آهي، هڪ تاريخ آهي. ڪاش! مان کانئس ڪجهه پڇي وٺان ها. ڪاش! سندس هٿ جي نرميءَ کي ياد رکڻ جي عمر هجي ها. پر شايد ننڍپڻ جي اها ئي خوبصورتي هوندي آهي، ننڍپڻ تاريخ کان بي خبر هوندو آهي، پر تاريخ وٽانئس گذري ويندي آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ڌرتيءَ تي اهڙا ماڻهو به ايندا آهن، جيڪي جيئرا ته انسانن وانگر رهندا آهن، پر سندن روح ڪنهن ٻرندڙ ڏيئي وانگر هوندو آهي. اهي پنهنجي لاءِ ناهن ٻرندا، ٻين جي ٻاٽ کي لاٽ ۾ بدلائڻ لاءِ ٻرندا آهن. ۽ پوءِ جڏهن اهي هن دنيا مان هليا ويندا آهن ته پوءِ رڳو هڪ انسان ئي ناهي مرندو، هڪ دور، هڪ آواز ۽ هڪ ضمير دفن ٿي ويندو آهي. حبيب جالب به پڪ سان اهڙو ئي هڪ نانءُ هيو. هو شاعر نه هو، رڳو شاعر هجي ها ته ڪتابن ۾ ئي رهجي وڃي ها. هو هڪ بي چين ضمير هيو. هڪ اهڙو آواز، جيڪو ايوانن جي ڀتين سان ٽڪرائي واپس ڪونه ايندو هو، پر گهٽين، چؤواٽن، مزدورن، هارين، شاگردن ۽ بکايل ماڻهن جي دلين ۾ وڃي ويهي رهندو هيو.
جڏهن دنيا ڏاڍن جي آڏو ماٺ ٿي ويندي آهي ته پوءِ مَس وڃي ڪو حبيب جالب پيدا ٿيندو آهي، جيڪو چوندو آهي ته "مان نه ٿو مڃان”. اهي ئي چار لفظ حڪومتن جي ننڊ ڦٽائي ڇڏيندا آهن چوڻ وارا چوندا آهن ته شاعر گلن جون ڳالهيون ڪندا آهن، محبوب جي لبن ۽ رخسارن جي واکاڻ ڪندا آهن، بارشن کي ياد ڪندا آهن، پر حبيب جالب بک جي ڳالهه ڪئي، جيل جي ڳالهه ڪئي، ظلم ۽ ڏاڍ جي ڳالهه ڪئي. هن انهن مائرن جي به ڳالهه ڪئي جن جي ٻارڙن جي حصي ۾ کير ناهي ايندو. پاڻ هن مِلڪ سان محبت ڪندو هيو . ايڏي محبت جو ان محبت ۾ هن پنهنجو سُک ۽ آرام قربان ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن محبت سچي هوندي آهي ته پوءِ ماڻهو فائدو ناهي ڏسندو، رهندو نقصان ۾ ويندو آهي. حبيب جالب به ايئن ئي ڪيو. هو چاهي ها ته اقتدار جي ويجهو ويهي ٿي سگهيو، سرڪاري اعزاز ۽ انعام اڪرام ماڻي ٿي سگهيو، وڏن گهرن ۾ رهي ٿي سگهيو. پر هن سچ جي واٽ چونڊي ۽ ظاهر آهي ته سچ جي واٽ ڪنڊيدار ۽ پٿريلي هوندي آهي.
ٿورو سوچيو! سانجهيءَ جو وقت، حبيب جالب جو گهر، گهر ۾ ماٺ… ٻارن چيو هوندو ته اڄ ڪجهه چڱو پچڻ گهرجي. سندس زال خالي ٿانون کي تڪيو هوندو ۽ حبيب جالب ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي سوچيو هوندو ته سچ ڳالهائڻ جي قيمت ايڏي ڳري ڇو هوندي آهي؟ پر ٻئي ڏينهن هو ماڻهن جي وچ ۾ بيهي چوندو هوندو ته "ايسي دستور ڪو، صبح بي نور ڪو…. مَين نهين مانتا.” اهو رڳو هڪ نظم ڪونه هيو، اهو هڪ بکايل ماڻهو جي آهه هئي، هڪ مزدور جي دانهن هئي، هڪ مجبور هاريءَ جي رڙ هئي ۽ هڪ لاچار ماءُ جو اک ۾ اٽڪي پيل ڳوڙهو هيو. ۽ عجيب ڳالهه اها آهي ته وقت وهامندو ويو، حڪومتون بدلبيون رهيون، چهرا مٽبا رهيا، پر حبيب جالب جي شاعري پوڙهي نه ٿي سگهي. ڪجهه ماڻهو مرڻ کان پوءِ پراڻا ٿي ويندا آهن ۽ ڪي ماڻهو مرڻ کان پوءِ جيئرا ٿيڻ شروع ٿيندا آهن. حبيب جالب به ان ٻئي قسم جي ماڻهن منجهان هيو.
مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته 12 مارچ 1993ع جي اها صبح ڪيئن هوندي، جڏهن خبر آئي هوندي ته حبيب جالب هليو ويو. ڇا واقعي هليو ويو هوندو؟ يا رڳو سندس بدن هليو ويو هوندو؟ ڇو ته اڄ به جڏهن ڪٿي ناانصافي ٿئي ٿي، ڪٿي ڪنهن غريب کي ڌڪاريو ٿو وڃي، ڪو سگهارو ڪنهن هيڻي کي لتاڙي ٿو، ڪٿي اظهار جي آزاديءَ کي گهٽيو ٿو وڃي… ته پوءِ ايئن لڳندو آهي ته حبيب جالب ڀرسان ئي ڪٿي بيٺو آهي ۽ چئي ٿو ته "مان نه ٿو مڃان”.
ڪي ماڻهو پنهنجي ٻارن لاءِ مال مِلڪيت ڇڏي ويندا آهن، ڪي بينڪ بيلنس ته ڪي وڏا گهر ۽ محل ماڙيون، پر حبيب جالب هن مِلڪ لاءِ بي خوفي ڇڏي، مزاحمت ڇڏي، سوال ڪرڻ جي همت ڇڏي. اها ميراث شايد سڀني کان قيمتي آهي.
مون کي لڳي ٿو ته جيڪڏهن اڄ حبيب جالب ڪٿي ملي وڃي ته سندس لٽا ڪپڙا سادا هوندا، اکين ۾ ٿڪاوٽ هوندي، پر لهجو اهو ئي ساڳيو هوندو – بي خوف. هو شايد پڇي وٺي ته ڇا هن مِلڪ جي عام ماڻهوءَ کي انصاف مليو آهي؟ ڇا بک ۽ غربت ختم ٿي وئي آهي؟ ڇا سچ ڳالهايئندڙ محفوظ آهن؟ ۽ پڪ سان اسان وٽ انهن سوالن جو ڪو به جواب ڪونه هوندو، ڇو جو ڪجهه سوال صدين تايئن جواب گهرندا رهندا آهن. حبيب جالب به اهڙن ئي سوالن جو نانءُ آهي. هو قبر ۾ پوريل هڪ شاعر ناهي، هو اسان جي معاشري جي ضمير تي رکيل اهو هٿ آهي، جيڪو بار بار لوڏي پڇي ٿو ته "جيئرا آهيو يا مري ويا آهيو؟ جيڪڏهن جيئرا آهيو ته پوءِ ظلم تي ماٺ ڇو ڪيو ويٺا آهيو؟” ۽ شايد اهڙا سوال وڏا ماڻهو ئي پڇندا آهن ۽ وڏا ماڻهو بنهه ڪونه مرندا آهن. اهي ڪتابن، نظمن ۽ يادن مان نڪري وقت سان گڏ هلندا رهندا آهن.
حبيب جالب به اهڙن ماڻهن مان هڪ آهي: هڪ شاعر، هڪ باغي، هڪ اداس، پر سچو ڏيئو، جيڪو اجهامڻ کان پوءِ به روشني ڏيندو رهي ٿو. زندگيءَ ۾ ڪجهه تصويرون ڪيمرا سان ناهن ٺهنديون، اهي دل ۾ ٺهنديون آهن ۽ مون لاءِ حبيب جالب جي تصوير ڪنهن جلسي ۾ تقرير ڪندي نه، پر جون جي گرميءَ ۾ فيصل آباد جي گھنٽا گھر وٽ انب جو مِلڪ شيڪ پيئندي هڪ نرم مزاج انسان جي آهي. وقت وهامي ويو، ابا به دنيا مان هليو ويو، حبيب جالب به ڪونهي ۽ اهو ميزبان به دنيا ۾ ڪونه هوندو. پر عجيب ڳالهه آهي – هڪ ٻار، هڪ پيءُ، هڪ شاعر، فيصل آباد جو گھنٽا گھر ۽ انب جو مِلڪ شيڪ – اهي سڀ اڄ به منهنجي يادن ۾ ڪٿي ويٺل آهن. وقت ڄڻ اتي بيهجي ويو آهي. يادون به شايد جيئري مخلوق هونديون آهن، اهي پوڙهيون ناهن ٿينديون، بس خاموش ٿي وينديون آهن. پوءِ اوچتو ڪنهن ڏينهن ڪنهن نظم، ڪنهن نانءُ يا ڪنهن شاعر جي ڳالهه تي ڀڙڪو کائي اٿي پونديون آهن.