سنڌ جي هڪ سياڻي انسان ۽ سنڌ پاڻي ڪيس جي وڪيل، نامياري آبپاشي ماهر الله اوڀايو خشڪ جو مرتيو ٿي ويو جيڪا هڪ ڏکائيندڙ ڳالهه آهي. الله اوڀايو ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي پاڻي سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ناانصافين خلاف پنهنجو قلم هر وقت مصروف رکندو هو.الله اوڀايو اصل ٺٽي ضلعي جو هيو هڪ ماهر آبپاشي انجنئير ٿي اڀريو. گذريل ويهن پنجويهن سالن کان هو سنڌ سان پاڻي جي حوالي سان ٿيندڙ زيادتين تي پنهنجي قلم وسيلي زوردار طريقي سان لکندو رهيو ۽ سنڌ جو پاڻي ڪيس وڙهندو رهيو.
الله اوڀايو خشڪ ۽ مان سنڌ يونيورسٽي ۾ گڏ پڙهندا هئاسين (الله اوڀايو انجنيئرنگ ڪاليج سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد هو هن سول انجنيئرنگ ۾ بي اي ڪئي ۽ مون يونيورسٽي مان ايم اي (اڪانامڪس ۾ ڪئي) هاسٽل ۾ به گڏ رهندا هئاسون، ڪافي وقت گذريو آهي هي دور 70-1965 جي آهي ان کانپوءِ هر ڪو ماڻهو، يونيورسٽي پاس ڪري پنهنجي ڌنڌي ڌاڙي ۽ نوڪرين وغيره سان لڳي ويو. وقت گذرندو رهيو الله اوڀايو خشڪ نرم طبيعت جو مالڪ هو، پاڻ سنڌ جي پاڻي جو مطالعو گهرائي سان ڪندو هو. جڏهن به سنڌ سان پاڻي جي حوالي سان زيادتيون ٿينديون هيون تڏهن هن آواز اٿاريو. جڏهن ارسا (انڊس رور سسٽم اٿارٽي) ٺهي. هي ادارو ان لاءِ ٺاهيو ويو ته هر صوبي کي پنهنجي پاڻي جو پورو حق ملي ۽ پنجاب جيڪو پاڻي جي ورهاست ۾ وڌيڪ پاڻي کڻندو هو ان کي پابند ڪجي ته طئي ٿيل حصي جو پاڻي هر صوبي کي ملي. ارسا جو هيڊ ڪوارٽر لاهور ۾ قائم ٿيو ۽ سڀني صوبن مان ميمبر نامزد ڪيا ويا. سنڌ مان ماهر انجنيئر سائين عبدالرسول ميمڻ کي مقرر ڪيو ويو. عبدالرسول صاحب پنهنجي علم، عمل ۽ ماهر هجڻ جي حيثيت سان تمام گهڻو ڪم ڪيو. پر پنجاب باوجود ارسا اٿارٽي جي پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻندو هو ۽ اڄ به اهو عمل جاري آهي. سنڌ جا ماهر ۽ سنڌ حڪومت پاران انهيءَ تي پنهنجو آواز اٿاريندا رهيا. جڏهن فوجي جنرل مشرف ملڪ جو والي ٿيو ته سنڌ جي احتجاج تي ارسا ۾ سنڌ طرفان هڪ جي بجاءِ ٻه ميمبر مقرر ڪيا ويا، مشرف دور ۾ ئي هڪ ٻيو ماهر انجنيئر سلجهيل ۽ سينيئر ماهر بشير احمد ڏهر کي به ميمبر مقرر ڪيو. پر تنهن هوندي پنجاب پنهنجي عادت کان نه مڙيو، الله اوڀايو خشڪ گهڻو ڪم ڪيو ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ زيادتين خلاف آواز اٿاريو
هن ئي دؤر ۾ ملڪ ۾ وري تڪراري منصوبي ڪالاباغ ڊيم جو راڳ آلاپڻ شروع ٿيو جنهن جي مشرف پٺڀرائي ڪري رهيو هو. جنهن تي محترم عبدالرسول صاحب، بشير ڏهر صاحب، الله اوڀايو خشڪ، فضل الله قريشي صاحب، محترم ادريس راجپوت صاحب، عبدالمجيد نظاماڻي، سردار مغل صاحب ۽ ٻين ڪيترن ماهرن هڪ ٿي سنڌ جي گڏيل آواز بلند ڪيو.
مشرف ڪراچي ۾گورنر هائوس ۾ هڪ اجلاس گهرايو هو جنهن ۾ پاڻي بابت خاص ڪري ڪالاباغ بابت هڪ پريزنٽيشن ڏني، هن خوشقسمتي سان هڪ بهترين انسان، عالم ۽ آبپاشي ماهر انجنيئر ۽ مخلص انسان سائين اي اين جي (عبدالنبي) عباسي کي ان پاڻي ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ۽ ٻين صوبن مان ميمبر مقرر ڪيا ويا. اسلام آباد ۾ ڪاميٽي جو هيڊ ڪوارٽر ٺاهيو ويو. ڪاميٽي ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪيو، مشرف پنهنجي دور ۾ وزيراعظم شوڪت عزيز سنڌ ۾ ماڻهن اڳيان مجبور ٿي ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪيو. پر هن سڄي دور ۾ سنڌ ۾ پاڻي تي واڪا ٿيندا رهيا، هن دور ۾ هي انجنيئر الله اوڀايو خشڪ باقاعدگي سان ان جو ڪيس وڙهندو رهيو، نهايت پائيداري سان وڙهيو. منهنجي خيال ۾ ته هن توڙي پنجاب پاڻي ڪيس تي سوين مضمون/ليک لکيا هوندا، جيڪي سنڌي اخبارن ۾ ڇپيا، انهيءَ دؤر ۾ هن صاحب سنڌ جي پاڻي ڪيس تي وسيع مطالعو ڪيو ۽ ڪيترا ئي ڪتاب پڻ لکيا جيڪي هيٺ ڄاڻايل آهن: "سنڌ پنجاب پاڻي معاملو”، "سنڌو جو رستو نه روڪيو”، "درياءَ سنڌ جو بچاءُ”، "تاريخ سنڌ: سنڌ ۾ عرب” ۽ "اميد خواب جي جاڳ” (مضمون، مقالا ۽ تقريرون) (Hydro Politics in Pakistan ان کان علاوه هو اخبارن توڙي سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجو پاڻي بابت چٽو موقف رکندو هو جنهن ۾، اڪثر سنڌ جي پاڻي بابت معلومات هوندي هئي. الله اوڀايو خشڪ صاحب سنڌ جو پاڻي ڪيس، هڪ ڏاهي وڪيل وانگي وڙهڻ سان گڏ اسان لاءِ پنهنجا اهم ڪتاب ڇڏي ويو آهي.
هن وقت سنڌ جو پاڻي توڙي پيٽ وسيلي جي حوالي سان تقرير توڙي تحرير ذريعي جيڪي ماڻهو آواز اٿاري رهيا آهن، تن ۾ امان الله شيخ، ڊاڪٽر محبوب شيخ، خالد حيدر ميمڻ ، احسان لغاري، نصير ميمڻ، يونس مهر، جاويد مهر، مشتاق ميراڻي، اسماعيل ڪنڀر، فتح مري، عمر ڪريم ۽ ٻيا شامل آهن. جنهن مان اسان جي نوجوانن کي به اتساهه ٿئي ٿو. جنهن جي واٽ وٺندي، عملي روپ ۾ هن سان گڏ پاڻي جي معاملي تي وسيع مطالعو ڪرڻ گهرجي ته جيڪو مستقبل ۾ سنڌ مٿان ڪو وار ٿئي ته ان جو بچاءُ ڪري سگهجي.
اڄ الله اوڀايو خشڪ اسان کان جسماني طور اسان کان وڇڙي ويو آهي پر سندس تحريرون مشعل راهه آهن. سنڌي ماڻهو کيس سدائين ياد رکندا.