ٻي عالمي جنگ کان پو، جڏهن دنيا جي اڪثر ملڪن جي گڏيل راءِ سان، اقوام متحده جو ادارو قائم ٿيو هو ته، سڄي دنيا جي ماڻهن نه رڳو سک جو ساهه کنيو هو پر، عوام جي ذهن ۽ من ۾ اها اميد به جاڳي پئي هئي ته، هاڻي انسان شايد ويڙهه ڪرڻ کان اڳ ڏهه ڀيرا سوچيندو، پو به ضروري ٿي پيس ته، هو اختلافن جو انت، امن واري واٽ ۾ ڏسندو پر ايئن نه ٿيو۔ ڪجهه ئي عرصي کان پو دنيا جي مختلف ملڪن ۽ قومن وچ ۾ جهيڙا توڙي جنگيون شروع ٿي ويون۔ انسان ڪٿي پنهنجي چڱ مڙسي کي قائم رکڻ خاطر، ڪٿي ذاتي لالچ جي بنياد تي، ڪٿي ذات ۽ برادري جي ڀر کڻندي، ڪٿي نسل پرستي جي آڙ وٺي، ڪٿي ٻولين، ثقافتن، ريتن، رسمن ۽ رهڻين ڪهڻين جي اوٽ ۾، ڪٿي مذهبن توڙي فرقن جي نالي، ڪٿي طاقت جي نشي ۾ ته ڪٿي وري سرحدي لڪيرون بچائڻ واري محبتن جا جام پي الوٽ ٿي ويڙهه جا بهانا ڳولهيندو، رت جا دريا وهائيندو رهيو آهي۔
ڪيڏي نه اچرج جهڙي ڳالهه آهي ته ويڙهين توڙي جهيڙن جا شوقين ماڻهو، ڌريون ۽ نسل جهيڙن توڙي جنگين ڪرڻ کان اڳ نقصانن جو ڪاٿو به نه لڳائيندا آهن ته، سندن جي اهڙن ڪڌن ڪرتوتن، عملي قدمن ۽ ڪمن سان دنيا يا ٻين انسانن کي ڪيڏا نه نقصان ٿي پوندا، ڪيتريون نه جانيون موت کان اڳ ئي ڦٿڪي ڦٿڪي مري وينديون، معصوم ۽ بيقصور ٻارڙا يتيم ٿيندا، الهڙ جوانيون جلا وطنين ۾ جهور پوڙهيون ڀاسنديون، امڙيون جڏهن پار ڪڍي روئينديون، تڏهن پٿر دليون به پاڻي جي ڦوٽي جيان ڦسي پونديون، سالن ۽ صدين جي محنتن ۽ جفاڪشين عيوض حاصل ڪيل سموريون انساني سهوليتون بيڪار بڻجي وينديون، فطرت جا تحفي طور مليل ذخيرا انساني ڀلائي ۾ استعمال بنا ئي برباد ٿي ويندا، جهيڙندڙن سان گڏ تماشو ڏسندڙن جا نسل به اڳتي وڌڻ بدران، پاڻ به ذهني مريض ٿيندا ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪي ٻار ڄڻيندا اهي به اڌ ذهني مريض هوندا، رت جي ريلن ۽ بارودن جي بدبو سبب ڌرتي مان اناجن ۽ کاڌ خوراڪ جي شين بدران، اڻ کٽ بيماريون ڦٽي پونديون۔
عقل جيڪو هر دئور ۾ انسان کي ٻڌائيندو ۽ سمجهائيندو رهيو آهي ته، امن عظيم تحفو اٿو۔ علم به جيڪو انسان جي ٽئين اک بڻجي جنگين ۽ جهيڙن جي ڪوجهن ڪردارن جي ڪرڀ جهڙن ڪمن کان آگاهه ڪندو آيو آهي، راتين جي سانت ۾ اوجاڳا ڪري انساني هٿن جون لکيل تحريرون ۽ تاريخون بار بار ڌيان ڇڪرائي، کيس بدنام ڪنديون رهيون آهن ۽ ڪيترا ئي اڇا اجرا ڪاغذ جنگين ۽ جهيڙن ۾ ڪاراٽجي ويا، مجال آهي جو انساني روپن ۾ لڪل شيطاني صفتن جي روحن ۾ ذرو به رحم ٿو اچي۔ انسان جي اهڙي وحشي پڻي تي هر سڌريل معاشري جي هزارين، لکين ماڻهن ۽ ماڻڪن سندن مهانڊن تي دانگيون به مليون، پر پو به اهڙن جهيڙاگرن ۽ جنگجو ماڻهن تي ڪوبه اثر نٿو پوي۔ ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته، آخر اها انساني ڪاوڙ ڪيسيتائين ڪلور ڪندي رهندي۔
حيرت ته انهي وقت به ٿيندي آهي، جڏهن ڀريل تريل اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سڌريل دنيا ۾ مٺ جيترا ٿورڙا ماڻهو، ڌريون ۽ ملڪ جڏهن وڙهڻ لڳندا آهن ته، کين ڪو منع ڪرڻ وارو به نظر ناهي ايندو ۽ اڪثر وڏن واقعن ٿي وڃڻ کان پو، رڳو مذمتن جا ڌوڙيا لڳا پيا هوندا آهن، اڪثر موقعن تي جهيڙا گرن جي ٻانهن پڪڙڻ وارو، هٿ جهلڻ يا هٿيار کسڻ وارو ڪو ظاهر ئي ناهي ٿيندو۔ جڏهن ته انهي وقت حيرت اڃا وڌي ويندي آهي، جڏهن اختلافن جا نبيرا ڪرڻ وارا ادارا به موجود هجن پو به روز روز جهيڙا ۽ جنگيون ٿينديون رهن ۽ سموري دنيا سميت لاڳاپيل ۽ امن قائم ڪرڻ وارا ادارا ۽ عملدار وات پٽي ڏسندا رهن ته، اهڙي صورتحال کي الميو ئي چئي سگهجي ٿو۔
سان فرانسسڪو ۾ قائم گڏيل قومن وارو ادارو، جيڪو اڄ جو ناهي پر، ذري گهٽ هڪ صدي پراڻو ادارو آهي، اهو آمريڪا ۽ ويٽنام جنگ جيڪا 1955ع ۾ لڳي، ان کان اڄ تائين سواءِ قراردادون پاس ڪرڻ ۽ مذمتن ڪرڻ جي ڪجهه به نه ڪري سگهيو آهي۔ جڏهن اهڙو اهم ادارو، اهڙن اهم موقعن تي ڪجهه به نه ڪري سگهي ته، اهو سوال ضرور پيدا ٿئي ٿو ته پو ان جي قائم ٿيڻ ۽ هڪ صدي کان موجود هجڻ جو دنيا کي ڪهڙو فائدو آهي۔ جيڪڏهن کيس رڳو عالمي ڏينهن ملهائڻا آهن ته پو ان تي ايڏا ڳرا خرچ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي۔ هاڻي سواءِ ڪجهه جهيڙاگر ۽ داداگير ماڻهن ۽ ملڪن جي باقي دنيا ۽ انسانن جي اڪثريت اهڙن روز روز جي جهيڙن ۽ جنگين کان تنگ ٿي چڪي آهي۔ جڏهن ته جهيڙن ۽ جنگين جو تماشو ڏسندڙ ۽ رڳو مذمتن ۽ قراردادن تي گذارا ڪندڙ، هاڻي تماشا ڏسڻ بند ڪن ۽ ميدان تي اچي پنهنجي ذميواري پوري ڪن، ڇو ته هاڻي پوري دنيا ۽ انسانيت کي رڳو ۽ رڳو امن جي ئي ضرورت آهي۔