اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سائبر سيڪيورٽي جي ميدان ۾ اهم اڳڀرائي ڪندي ڀارت ۽ اسرائيل طرفان سائبر حملن جي ٽوڙ لاءِ اينڊ پوائنٽ ڊيٽيڪشن اينڊ ريسپانس اينٽي وائرس تيار ڪري ورتو.
ذريعن موجب اي ڊي آر سسٽم سڀني سرڪاري ڪمپيوٽرن تي انسٽال به ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد هيڪنگ ۽ سائبر حملن جي روڪٿام آهي.
واضح رهي ته پاڪستان تي اڪثر حملا ڀارت يا اسرائيل مان ٿيندا آهن.
You might also like