اونهي کوهه ۾ ڪِريل هاٿي کي ڪڍڻ لاءِ پاڻي جو استعمال، ماڻهو حيران!

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ 30 فوٽ اونهي کوهه ۾ ڪريل هاٿي کي ڪڍڻ لاءِ انوکو طريقو اختيار ڪيو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب گذريل رات اڙيسا رياست جي ٻيلن ۾ موجود 30 فوٽ اونهي کوهه ۾ هڪ نَر هاٿي ڪري پيو هو، ٻيلي کاتي، فائر بريگيڊ ۽ پوليس کاتي جي ٽيم کي جڏهن اطلاع مليو ته انهن فوري طور ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو.
رپورٽن موجب انتظاميا هاٿي کي ڪڍڻ لاءِ آرڪيميڊيز اصول اختيار ڪيو، اهو هڪ يوناني سائنسدان جو تخليق ڪيل اصول آهي، جنهن جو مطلب جڏهن ڪنهن شئي کي پاڻي سان ٻوڙيو ويندو آهي ته اها مٿي ترڻ لڳندي آهي.
انتظاميا به ان اصول تي عمل ڪيو ۽ ٻه وڏا پائپ آڻي اونهي کوهه کي ڀرڻ شروع ڪري ڇڏيو، جنهن سان هاٿي ترندو مٿي اچي ويو.
سوشل ميڊيا تي هاٿي کي ريسڪيو ڪرڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي، جنهن کي واهپيدار ساراهي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.