لنڊن/ميلبورن(ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ کي ”جنٽلمين جو راند“ چيو ويندو آهي ۽ ان راند جي تاريخ جي پهرين ٻطرفي سيريز ”ايشز“ تي وڏي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، روايتي مخالف انگلينڊ ۽ آسٽريليا وچ ۾ 1882ع کان هر ٻئين سالن بعد ويندڙ ايشز سيريز ۾ وڏي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب، پنڪ بال ٽيسٽ کي ايشز سيريز ۾ ممنوع قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته آسٽريليا ۽ انگلينڊ هاڻي هن تاريخي سيريز دوران ڊي اينڊ نائيٽ ٽيسٽ نه کيڏندا.
جيتوڻيڪ آسٽريلوي نشرياتي معاهدي ۾ هر سيزن دوران گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊي نائيٽ ٽيسٽ کيڏڻ جي خاطري ڪرائي آهي، پر انگلينڊ مستقبل ۾ ايشز سيريز ۾ پنڪ بال ٽيسٽ کيڏڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي.
انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جو موقف آهي ته ايشز جهڙي تاريخي سيريز کي ڪنهن ڊي اينڊ نائيٽ ميچ جي ضرورت ناهي.
پر ان باوجود ٻئي ٽيمون ايندڙ سال مارچ ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 150هين سالگرهه جي موقعي تي ميلبورن ۾ پنڪ بال ٽيسٽ کيڏنديون، جيڪا ٻنهي ٽيمز وچ ۾ آخري ڊي اينڊ نائيٽ ميچ هوندي.