ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تيل اگهن ۾ واڌ سبب ڪراچي يونيورسٽي ۾ صبح جون ڪلاسون آن لائن ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
وائس چانسلر جي منظوري سان ڪراچي يونيورسٽي ۾ صبح جون ڪلاسون آن لائن ڪرائڻ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب 9 مارچ کان رمضان المبارڪ جي پڄاڻي تائين صبح جون ڪلاسون آن لائن ٿينديون.
اهو فيصلو تيل اگهن ۾ واڌ سبب ٽرانسپورٽ مسئلن جي خدشي ۽ شاگردن جي سهولت لاءِ ڪيو ويو آهي.
Prev Post
You might also like