اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايراني هم منصب وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڳالهيون ۽ سفارتڪاري ئي واحد اثرائتو رستو آهن.
پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن ڇنڇر ڏينهن ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
بيان موجب، اسحاق ڊار توانائي جي بنا رنڊڪ فراهمي ۽ سامونڊي جهازن جي محفوظ ۽ تيز رفتاري سان اچ وڃ جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان جا اُسرندڙ ملڪن ۽ عالمي سپلاءِ چينز تي اهم اثر پون ٿا.
هن چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کانسواءِ ٻيو ڪو اثرائتو رستو ناهي.
بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن ويجهي سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ۽ طئي ڪيو ته گڏيل قومن جي 81هين جنرل اسيمبلي جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ملاقات ڪندا.
پرڏيهي وزير جو ايراني هم منصب سان رابطو، خطي ۾ امن لاءِ ڳالهيون ۽ سفارتڪاري ئي واحد اثرائتو رستو آهن: ڊار
You might also like