تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ اسرائيل لاءِ جاسوسي جي الزام هيٺ موت جي سزا ٻڌايل شخص حسين پيدران کي ڦاهي ڏني وئي آهي.
ايراني ميڊيا موجب، حسين پيدران تي الزام هو ته هن اصفهان صوبي ۾ حساس فوجي هنڌن بابت ڄاڻ موساد کي فراهم ڪئي.
ايراني ميڊيا جي رپورٽ موجب، حسين پيدران وٽان هٿ آيل اوزارن ۽ سندس مبينا اعترافن جي بنياد تي مٿس اسرائيل جي حق ۾ جاسوسي ۽ انٽيليجنس سهڪار جا الزام لاڳو ڪيا ويا هئا.
رپورٽ موجب، حسين پيدران مبينا طور دشمن قرار ڏنل آمريڪي حڪومت سان به انٽيليجنس سهڪار شروع ڪيو ۽ ان جي طرفان ٻيون ذميواريون پڻ انجام ڏنيون.
ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته حسين پيدران جي موت جي سزا سپريم ڪورٽ جي منظوري کانپوءِ لاڳو ڪئي وئي.
جڏهن ته عدليه جي رپورٽ ۾ اهو نه ڄاڻايو ويو آهي ته حسين پيدران کي ڪڏهن گرفتار ڪيو ويو، ڪيس جي ٻڌڻي ڪٿي ٿي ۽ عدالت ۾ ڪهڙا تفصيل پيش ڪيا ويا هئا.
You might also like