شاداب کي کيڏائڻ واري معاملي ٻه اڳوڻا اسپنر آمهون سامهون، هڪٻئي تي الزام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپن آل رائونڊر شاداب خان جي قومي ٽيم ۾ شموليت واري معاملي تي ليجند اسپنر توصيـف احمد ۽ ثقلين مشتاق آمهون سامهون اچي ويا آهن.
توصيف احمد الزام لڳايو آهي ته ثقلين مشتاق کي پنهنجي ناٺي شاداب خان کانسواءِ ڪجهه نظر نٿو اچي ۽ هو شاداب جي فيور ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته فيور جي به هڪ حد هوندي آهي، ثقلين کيس فون ڪيو ۽ ڪنهن ٻئي کان به سفارش ڪرائي، جنهن جي رڪارڊنگ موجود آهي.
توصيف احمد سوشل ميڊيا جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته ثقلين مشتاق کي پنهنجي ناٺي کانسواءِ ڪجهه نظر نٿو اچي.
هن چيو ته ”فيور جي به هڪ حد هوندي آهي.“
اڳوڻي اسپنر ثقلين مشتاق جو نالو وٺندي چيو ته ”ڪنهن جو هٿ رکيل آهي، مون کي فون ڪيو، ڪنهن کان چورايو به، جنهن جي رڪارڊنگ موجود آهي. غلط ڳالهه غلط آهي.“
شاداب خان ڏانهن اشارو ڪندي توصيـف احمد چيو ته ٻاهران اچي ڪانٽريڪٽ وٺي وڃن ٿا، جڏهن ته ڪپتان شان مسعود کي سي يا ڊي ڪيٽيگري ڏني وڃي ٿي، پر ڪو پڇڻ وارو ئي ناهي.
سندس چوڻ هو ته هو سڀني بابت ڳالهائي نه رهيو آهي، پر ڪيترائي عظيم رانديگر، جن سٺي ڪرڪيٽ کيڏي، ڪوچنگ ۾ اچي ناڪام ٿيا. جڏهن ڪو رانديگر سٺو پرفارم نه ڪري رهيو هجي ۽ ان جي فيور ڪئي وڃي ته اها وڏي ناانصافي آهي.
هن سوال ڪيو ته ”سفيان مقيم جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟“
”ڪوڙ نه ڳالهايو، عوام کي پاڻ سچ ٻڌڻ ۽ حقيقت ڄاڻڻ ڏيو“: ثقلين مشتاق
ٻئي پاسي ثقلين مشتاق سوشل ميڊيا تي توصيـف احمد کي جواب ڏيندي چيو ته توصيـف احمد چيو آهي ته هن وٽ رڪارڊنگ موجود آهي، ته اها ڳالهه ثابت ڪري ۽ رڪارڊنگ عوام آڏو جاري ڪري.
ثقلين مشتاق چيو ته هن توصيـف احمد کي احترام سان فون ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته هو کيس پنهنجو سينيئر سمجهي عزت ڏيندو رهيو آهي.
هن چيو ته ”ڪوڙ نه ڳالهايو، حقيقتون نه لڪايو ۽ معاملي کي ٽوڙي مروڙي پيش نه ڪيو. مون وٽ به مڪمل رڪارڊ موجود آهي، توهان پنهنجو رڪارڊ جاري ڪريو، مان به پنهنجو رڪارڊ عوام آڏو آڻيندس، عوام کي پاڻ سچ ٻڌڻ ۽ حقيقت ڄاڻڻ ڏيو.“

You might also like