احمد آباد (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مچل سينٽنر چيو آهي ته جيڪڏهن ورلڊڪپ ٽرافي کٽڻ لاءِ ڪجهه ماڻهن جون اميدون ٽٽنديون ته اِهو هن جو مسئلو نه آهي.
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي فائنل کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي سينٽنر چيو ته اسان گذريل 11 سالن دوران آءِ سي سي جي وائيٽ بال فارميٽ جا پنج فائنل کيڏي چڪا آهيون پر اڃا تائين ڪو به ٽائيٽل نه کٽي سگهيا آهيون، تنهنڪري هن ڀيري ٽرافي کٽڻ چاهيون ٿا.
هن چيو ته ”مان ٽرافي کٽڻ چاهيان ٿو، جيڪڏهن ان لاءِ ڪجهه دلين کي ٽوڙڻو پوي ته به مون کي ڪو اعتراض ناهي.“
مچل سينٽنر چيو ته اسان جي ٽيم سدائين ڪوشش ڪندي آهي ته حالتن يا مخالف ٽيم کان گهڻو متاثر نه ٿئي ۽ هڪ يونٽ طور پنهنجي راند تي ڌيان ڏئي.
هن چيو ته ڪيوي ٽيم ڄاڻي ٿي ته شايد اسان کي فيورٽ نٿو سمجهيو وڃي، پر جيڪڏهن اسان پنهنجون ننڍيون شيون صحيح نموني ڪيون ۽ گڏيل ڪارڪردگي ڏيکاريون ته ٽرافي کٽڻ جو سٺو موقعو ملي سگهي ٿو.
ڀارتي ٽيم بابت ڳالهائيندي سينٽنر چيو ته ڀارت دنيا جو مضبوط بيٽنگ يونٽ آهي، هو شروع کان آخر تائين جارحاڻي راند کيڏڻ جا ماهر آهن.
هن چيو ته ڪنهن به مضبوط ٽيم کي روڪڻ جو بهترين طريقو شروعاتي وڪيٽون وٺڻ آهي، جيڪڏهن وڪيٽون نه وٺبيون ته بيٽر کي روڪڻ تمام ڏکيو ٿي ويندو.
مچل سينٽنر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پچ فليٽ هوندي ته وڏو اسڪور لڳندو، تنهنڪري ڪوشش هوندي ته مخالف ٽيم کي گهٽ اسڪور تائين محدود رکجي.
هن چيو ته ورلڊڪپ فائنل عام ميچ کان مختلف هوندو آهي ۽ دٻاءُ به وڌيڪ هوندو آهي، پر ٽيم کي ساڳئي طريقي سان تياري ۽ راند تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
سينٽنر موجب، ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ ڪجهه اهم لمحا ميچ جو رخ بدلائي ڇڏيندا آهن، تنهنڪري فيلڊنگ ۽ ڊسپلين نهايت اهم هوندو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته چيو ته ٽيم کي پنهنجي راند جي انداز ۾ تسلسل رکڻو پوندو، غير ضروري طور ڪا نئين حڪمت عملي ٺاهڻ جي ضرورت ناهي.