تهران (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي فضائي حملن ۾ ايران جا فٽبال اسٽيڊيم به تباهه ٿي ويا، جنهن تي ايران فيفا سان سخت احتجاج ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ايران پنهنجي تخت گاهه ۾ فٽبال اسٽيڊيم تي آمريڪي حملي تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي فيفا کي ان معاملي تي موقف ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي سوشل ميڊيا تي تصويرون شيئر ڪندي چيو ته تهران ۾ آزادي اسپورٽس ڪامپليڪس کي آمريڪي حملن جو نشانو بڻايو ويو.
هن چيو ته هي اهو تباهه ٿيل فٽبال اسٽيڊيم آهي، جنهن کي اهڙي ملڪ نشانو بڻايو، جنهن جي صدر کي فيفا امن جو اعزاز ڏنو هو، ان تي فيفا يا انٽرنيشنل اولمپڪ ڪميٽي ڪو تبصرو ڪندي؟
ايران ۾ فٽبال اسٽيڊيم تي آمريڪا جي بمباري، ٽرمپ کي امن انعام ڏيندڙ فيفا خاموش تماشائي، تهران جو سخت احتجاج
You might also like