اسلام آباد( بيورو/ ع آ نيوز) پاڪستان جي پرڏيهي وزارت آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير احسن وڳڻ کي ڊيپورٽ ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ترڪمانستان ۾ مقرر پاڪستاني سفير احسن وڳڻ کي آمريڪي اختيارين پاران ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ ۽ واپس موڪلڻ واري معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون. اڱاري تي هڪ بيان ۾ پرڏيهي کاتي چيو آهي ته احسن وڳڻ آمريڪا ڪنهن سرڪاري دوري تي ناهي ويا هئا، بلڪه اهو انهن جو ذاتي دورو هو. پرڏيهي کاتي پنهنجي بيان ۾ واضح طور تي اهو ناهي ٻڌايو ته پاڪستاني سفارتڪار کي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڇو نه ملي، پر اهو ضرور چيو آهي ته ان معاملي بابت ڪا به قياس آرائي ڪرڻ کان بچڻ گهرجي. پاڪستاني سفير کي آمريڪا کان ڊيپورٽ ڪرڻ جو واقعو آچر ڏينهن آمريڪا جي ڪيلفورنيا رياست جي دارالحڪومت لاس اينجلس ايئرپورٽ تي پيش آيو هو. بي بي سي موجب ان معاملي بابت وڌيڪ تفصيل حاصل ڪرڻ لاءِ احسن وڳڻ سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر ان کان ڪو جواب ناهي مليو. نوشهروفیروز، سنڌ جي شهر سان تعلق رکندڙ احسن وڳن 1996 ۾ پاڪستان جي فارن سروس جو حصو بڻيا. ابتدائي ڪجهه سالن ۾ پرڏيهي کاتي ۾ فرض انجام ڏيڻ کانپوءِ، هو 2000 کان 2004 تائين نيپال جي راڄڌاني کٽمنڊو ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ سيڪنڊ سيڪريٽري طور ڪم ڪري چڪو آهي، احسن وڳڻ ان کان اڳ آمريڪا ۾ به سفارتي فرائض انجام ڏئي چڪو آهي. ان کانسواءِ هو 2006 کان 2009 تائين لاس اينجلس ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڊپٽي قونصلر جنرل رهي چڪو آهي. واشنگٽن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير عابدہ حسين چيو آهي ته اهو هڪ غير معمولي واقعو آهي. پرڏيهي وزارت جي هڪ اهلڪار بي بي سي کي ٻڌايو ته جڏهن سفارتڪار سرڪاري دوري تي وڃن ٿا ته انهن کي پروٽوڪول ملندو آهي، جڏهن ته جيڪڏهن اهو نجی دورو آهي ته ان کي سفارتي پروٽوڪول نه ملندو. هنن چيو ته اهڙي طرح ڪنهن سفارتڪار کي روڪڻ جو مطلب آهي ته ڪو "ريڊ فليگ” ضرور آهي.