بوزداروڏا ( رپورٽ : حسن علي راڄپر ) بوزداروڏا ۾ سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف شاعرن صحافين، اديبن، سول سوسائٽي ۽ هارين پاران ڳوٺ مولابخش بهڻ کان ناليواري شاعر اديب صاحب خان لطيفي پريس ڪلب بوزداروڏا جي صدر لطيف سوڍڙو اديب ليکڪ شاعر عبدالخالق شر دلشاد احمد بهڻ گل حسن بهڻ سروري جماعت جي اڳواڻ ديدار علي سوڍڙو، عنايت علي پنهيار، گدا حسين بهڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي بوزداروڏا مٽ لنڪ روڊ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار لائيبرري اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي سنڌو درياءَ تي ڪيئنال نامنظور جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ۽ اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياءَ تي نوان ڪيئنال ڪڍڻ سان سر سبز سنڌ بنجر بڻجي ويندي