قمبر ۾ ڪئنالن خلاف شاگرد،هاري،آبادگار سراپا احتجاج

قمبر (رپورٽ: محمود شيخ) قمبر جي شاگردن پاران تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب آڏو سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ڪامران علي چنو،شعيب چانڊيو،جميل چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ سڪائڻ برابر آهي سنڌو درياهه صدين کان سنڌ جو جياپو آهي پاڻي مٿان داڙو ڪڏهن به قبول نه ڪندا سين پاڻي جي کوٽ هئڻ سبب لکين ايڪڙ سرسبز سنڌ جي زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي هنن وڌيڪ چيو ته چند ماڻهن کي خوش رکي ڪروڙين جي آبادي کي تباھ ڪرڻ سراسر ناانصافي آهي اهڙي عمل ڪرڻ ملڪي سالميت کي ڇيهو رسندو هنن مطالبو ڪيو ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ بند ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سنڌ جو ننڍو وڏو سخت احتجاج ڪندو.. هوڏانهن قمبر جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ راڌو خان مغيري، خان ڳورڙ، پير محمد ميتلو، هوت ڏهوٽ، جنيد سانگاهه،نورنگ واھ،ڳوٺ ابڙي مان سوين هارين،آبادگارن،ڳوٺاڻن جو تڪراري ڪئنالن خلاف ڳوٺ صاحب خان ڳورڙ مان پيادل لانگ مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اظهر خان ڳورڙ،وزير علي مغيري،سرائي عادل عباس ڳورڙ،ياسر عباس مگسي،عقيدت ﷲ ڏهوٽ،صابر بروهي،رياض کرل،رابيل ڏهوٽ ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جو جياپو آهي، سنڌ جي عوام ننڍن وڏن پوڙهن پڪن سنڌو درياهه مٿان 6 ڪئنال ٺاهڻ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، چند ماڻهن کي فائدو ڏيڻ لاءِ ڪروڙين عوام کي بک مارڻ ڪٿان جو انصاف آهي، ڪئنال ٺهڻ سان سنڌ جي سر سبز زمين کي بنجر بڻايو ويندو، جڏهن ته سنڌ کي 91ع ٺاهه تحت هن وقت تائين پاڻي ڏنو ويو، جيڪو سنڌ جي عوام سان انتهائي ظلم  آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.