”سنڌو ءَ تي ڌاڙو نامنظور“ فيض گنج ۾ قوم پرست جماعتن ۽ پوليس ۾ چڪريون

فيض گنج ( ظھير خاصخيلي) فيض گنج ۾ 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف قوپرستن پاران مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو روڊ بلاڪ پوليس ۽ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون پوليس زبردستي روڊ کولرائي ڇڏيو ڪارڪنن جي نعريبازي پڪاچانگ باءِ پاس تي مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي رڪاوٽون وجهي ڪارڪنن احتجاج ڪيو اطلاع تي پوليس پهتي جتي پوليس ۽ڪارڪنن وچ ۾  منهن ماري ٿيڻ بعد چڪريون ٿيون پوليس ڪارڪنن کي ڌڪا ڏئي روڊ کولرايو  سنڌو مان 6 ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ ڪڍڻ نه ڏينداسين پاڻي اسان جي زندگي آهي پنجاب اسان جو پاڻي زبردستي کڻي رهيو آهي ڪارڪنن 6 ڪئنالن خلاف احتجاج ڪيو آهي فيض گنج پوليس زبردستي ڪارڪنن کي ڌڪا ڏئي روڊ کولرايو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.