خير محمد آريجا (رپورٽ سيد عطا محمد شاهه) خير محمد آريجا جي سياسي سماجي، مذهبي تنظيمن شهرين مزدورن پورهيتن هارين ۽ شاگردن طرفان ڪينال ڪڍڻ خلاف زبردست ريلي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪينال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو، خير محمد آريجا۾ مختلف سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جسقم آريسر ايس يو پي انجمن سفينه حيدري شهرين شاگردن هارين مزدور اڳواڻن طرفان هٿن ۾ وال پوسٽر ۽ ڳاڙها جهنڊا کڻي شاهي بازار کان سوين ماڻھن ريلي ڪڍي ڪينال نامنظور سنڌو تي ڌاڙو نامنظور سميت حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو جڏهن ته ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب جسقم آريسر جي اڳواڻن شفيق احمد آريجو علي شير آريجو، انجمن سفينه حيدري جي مولوي عجيب حسين کهاوڙ ۽ شهرين توڙي هارين آبادگارن عمران علي آريجو ڪامران ميمڻ سنڌو سومرو ڪامريڊ سمير آريجو ڊاڪٽر عزيز الله چند، امجد علي ميمڻ ڪمدار ذوالفقار علي آريجو خالد علي آريجو امير بخش آريجو اعجاز علي آريجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سوين شهرين ريلي ڪڍي ايڪو سامونڊن تي قومي گيت هلائي شهر جو گشت ڪيو جنهن بعد ريلي خير محمد آريجا پريس ڪلب اڳيان جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي ان موقعي تي پريس ڪلب اڳيان ريلي کي خطاب ڪندي قوم پرست اڳواڻ شفيق احمد آريجو علي شير آريجو عمران مذهبي اڳواڻ مولوي عجيب حسين کهاوڙ شهرين عمران آريجو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته نااهل حڪمران سنڌو دريا مان ڇهه ڪيئنال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ چاهن ٿا ۽ سنڌو درياهه تي پڻ قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن هنن چيو ته سنڌو دريا ۽ پاڻي اسان جي زندگي ۽ ساه جو جياپيو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته پنجاب حڪمرانن سنڌ جي معدني وسيلن سميت سنڌ جي پاڻيءَ تي پڻ داڙو هنيو آهي هي زمين جو نه پر ضمير جو مسئلو آهي جيڪو اسان ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته آصف علي زرداري ۽ سندس پارٽي صرف زباني طور ڪينالن جي مخالفت ڪري ٿي مگر صدر ان جي پارٽي عملي طور مخلافت نه پر حمايت ڪري رهي آهي هنن چيو ته جيڪڏهن هو سنڌ سان سچا آهن ته پنهنجي پارٽي جو سي اي سي اجلاس گهرائي پنهنجو موقف واضع ڪن ۽ ڪينالن خلاف ٺهراءُ پاس ڪري ان فصلن جو کي رد ڪيو وڃي، هنن چيو ته هاڻ سنڌي قوم سجاڳ ٿي چڪي آهي ۽ اسين ڪنهن به صورت ۾ سنڌو درياهه تي ڌاڙو برداشت نه ڪنداسين ۽ ڪينال ٺاهڻ نه ڏينداسين ان موقعي تي شهرين نوجوانن توڙي پوڙهن حڪومت خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي.
-
مرڪزي تنظيم آرائين پاران ڪئنالن جي مخالفت
نوابشاهه (ڊ ر) مرڪزي تنظيم آرائين جي صدر افراھيم آرائين ،جنرل سيڪريٽري سعاد آصف آرائين نجم آرائين ،ڊاڪٽر عادل آرائين شعيب آرائين ۽ ٻين نوابشاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرس ڪندي چيو ته سنڌ. جي آرائين برادري سنڌو درياءَ تي 6 ڪينال ٺاھڻ جي شديد مذمت ڪيون ٿا ھنن چيو ته ارسا معاھدي تحت پھرين ئي سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي پورو نٿو ڏنو وڃي اگر ان مان به 6 ڪينال نڪرندا ته سنڌ جون زمينون بنجر ٿي برباد ٿي وينديون جنھن سان سنڌ جي معيشت سخت متاثر ٿيندي ھنن چيو ته سمنڊ جي ڊيلٽا متعلق پاڻي جي اخراج جا صحيح انگ اکر نٿا ڏنا وڃن سنڌ جي زمينن کي بنجر بنائڻ جي اجازت اسان ڪڏهن به نه ڏينداسين اسان ڪينالن جي تعمير جي سخت خلاف آھيون آرائين برادري جو جيئڻ مرڻ سنڌ جي عوام سان آھي.