ڪراچي/ حيدرآباد (نمائندا) سنڌو درياهه تي ڌاڙي، ڪئنال رٿا ۽ زمينن جي والار خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، ڪالهه جي اسڪولي ٻارن، وڪيلن سميت سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، حيدرآباد ۾ سنڌ پيپلز يوٿ(شھيد ڀٽو) پاران 6 ڪينالن خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊويزنل صدر اڪبر علي جھيجو، مجيد قريشي، امداد ڊومڪي، جمال سوھو، مرتضيٰ پالاري، ستار ڀٽي ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياهه سنڌ هن ملڪ جي بقا جو ضامن آهي، وفاق اھو منصوبو آڻي ملڪ سان دشمني ڪري رھي آهي، ٻي پاسي حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر اشعر مجيد کوکر ۽ جنرل مسعود رسول بابر ميمڻ پنهنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران 14 مارچ تي سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ خلاف سيشن ڪورٽ کان صبح جو 11 وڳي المنظر پل سنڌو درياهه تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي. جنهن ۾ حيدرآباد جا وڪيل ڀرپور نموني شرڪت ڪندا. هنن چيو ته سنڌو درياهه سنڌ ڪروڙين ماڻهن جو جياپو هجڻ سان گڏ تاريخي ۽ ثقافتي حيثيت رکي ٿو. ان جو تحفظ هر سنڌ واسي جي ذميواري آهي، ڏوڪري ۾ جسقم ۽ سول سوسائٽي پاران ڳوٺ منڌرا کان 3 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري ڏوڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن جوڻيجو، رڪ سنڌي، ذيشان جسڪاڻي، مدثر گاڏھي، رضوان جوڻيجو، سراج جوڻيجو، ۽ عدنان جوڻيجو چيو ته اسين سنڌ دشمن منصوبن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، جوهي ۾ سنڌُو تي غير قانوني ڪينال ٺاهڻ خلاف گورنمينٽ هاير سيڪينڊري اسڪول حاجي خان ۽ پرائمري اسڪول جوھي بلاڪ ون ۾ ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان موقعي تي پ ٽ الف جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري غازي خان جمالي، خير محمد لغاري، محمد امين لنڊ، غلام اڪبر کوسو ۽ ٻين چيو ته سڄي سنڌ سجاڳ آھي، دريا تي هاڻ ڌاڙو هڻندڙن سان اکيون اکين ۾ ملائي وڙهنداسين ، پاڻي جو هڪ ڦڙو به نه ڏينداسين، گولاڙچي ۾ بچل واٽر جي نوجوانن امجد شاهه، رحيم پنهور، جاويد سمون، علي محمد شاهه، اياز شاهه، ۽ ساجد شاهه جي اڳواڻي ۾ بچل واٽر کان گولاڙچي پريس ڪلب تائين مارچ ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جاکرو نوحاڻي، ملڪ ڪامران، ۽ نور احمد جتوئي پڻ شرڪت ڪئي، ملير ۾ پورهيت مزاحمت تحريڪ پاران سنڌو درياهه تي ڇهن ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمين ڏيڻ خلاف ايڊووڪيٽ رضوان شر جي اڳواڻي ۾ ملير بار ۾ ٻن ڏينهن جي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ڪئمپ تي ملير بار جي صدر ارشاد شر، جنرل سيڪريٽري اياز چانڊيو، ايڊووڪيٽ اشرف سمون، سرفراز سنڌو ۽ ٻين وڪيلن پهچي يڪجهتي طور شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آھي جيڪڏھن سنڌو مان ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌ تباھ ٿي ويندي، حڪمران ڪو به اهڙو فيصلو نه ڪن جيڪو قوم ۽ ملڪ جي سالميت لاءِ ھاڃيڪار هجي، سنڌو جي پاڻي ۽ زمين تي ڌاڙو ڪو به سنڌ جو غيرتمند قبول نه ڪندو، هنن چيو ته ڪئنالن ۽ زمين تي ڌاڙي خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي، سنڌ ۾ پهريون دفعو آھي ته سڄي سنڌ پنهنجي جياپي جي مسئلي تي هڪ ئي پيج تي آھي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته غيرآباد زمينن کي آباد ڪري سرسبز سنڌ کي غيرآباد ڪيو وڃي جيڪڏهن حڪمران ملڪ جا خيرخواهه آهن ته اکيون کولي سنڌ ۾ ٿيندڙ احتجاجن کي ڏسن ۽ فوري طور تي پنهنجا ظالماڻا فيصلا واپس وٺن.