ڪراچي(رپورٽر) سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي اڳواڻن صفدر عباسي، سيد زين شاهه، سردار رحيم ۽ ٻين ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئنالن جي خاتمي واري اعلان تائين جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري جي بيان سان ڪوبه فرق نه ٿو پوي، وفاقي حڪومت اڃا تائين ڪئنال منصوبي کي روڪڻ جو اعلان ناهي ڪيو، هنن چيو ته سنڌ ۾ اڄ پاڻي جي کوٽ 45 سيڪڙو آهي، جيڪڏهن ڪئنال ٺهيا ته پوءِ ڇا صورتحال ٿيندي، ان جو سڀئي اندازو لڳائي سگهون ٿا، ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي جو هڪ ڦڙو نه ٿو اچي، واري پئي اڏامي، سمنڊ ميرپورساڪري ۽ ٺٽي تائين زمين پائي ويو آهي، هنن اعلان ڪيو ته جيستائين وفاقي حڪومت ڪئنال منصوبن کي ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي ڪري تيستائين احتجاجي تحريڪ جاري رکي ويندي.