منظور پشتين ۽ پشتون قومي جرڳو

تحرير: علي گل ڇڇر

خيبرپختونواھ ۾ پشتون تحفظ موومينٽ پاران منعقد ٿيندڙ پختون جرڳي تي وفاقي حڪومت اهو چئي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آھي ته اها تنظيم رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث آھي، حڪومت منظور پشتين جي سربراهي ۾ ڪم ڪندڙ تنظيم "پي ٽي ايم” تي پابندي مڙھيندي ان تنظيم سان لاڳاپيل اهم ماڻھن جا نالا فورٿ شيڊيول ۾ پڻ شامل ڪر ڇڏياآھن .

پشتون جرڳي ۾ شرڪت لاءِ پي ٽي ايم مختلف سياسي جماعتن جي سربراهن کي شرڪت جي دعوت ڏني آھي جن ۾  خيبرپختونواھ جو وزيرا اعليٰ علي امين گنڊا پوري، مولانا فضل الرحمان، ايمل ولي خان، محمود خان اچڪزئي ۽ ٻيا سياسي رهنما شامل آھن،وزيراعليٰ خيبرپختونواھ علي امين گنڊاپور ضلعي خيبر جي علائقي جمرود ۾ پي ٽي ايم جي مذاڪراتي ٽيم سان ڳالهين کانپوءِ اعلان ڪيو آھي ته جرڳو پختون روايتن جو حصو آھي انڪري جرڳو ٿيندو ۽ هاڻي ان جي ميزباني هو خود پاڻ ڪندو،

پي ٽي ايم سربراھ منظور پشتين جرڳي جي ايجنڊا بابت چيو آھي ته هي جرڳو پي ٽي ايم جو نه پر پشتونن جو آھي ۽ پشتون پاڻ ۾ ويهي پنهنجي مسئلن بابت ڳالهائيندا ۽ جيڪو فيصلو ڪندا اهو اسانکي قبول هوندو , پي ٽي ايم پشتون قومي جرڳي جو جيڪو شيڊيول جاري ڪيو آھي ان ۾ پهرين ڏينهن واري سيشن ۾ گذريل ٻن ڏھاڪن دوران  پشتون سرزمين تي ٿيل جنگ جي نقصانن, گم شده ماڻھن جا مسئلا، لڏ پلاڻ ۽ علائقي جي معاشي حالتن بابت ڳالهھ ٻولهھ شامل هوندي،  جرڳي ۾ جنگ کان متاثر ماڻھوپنهجي اکين ڏٺو احوال ٻڌائيندا ۽ انهن جي ئي بريفنگ کانپوءِ جرڳي جي ايجنڊا طئي ڪئي ويندي،

جرڳي جي ٻئي ڏينهن بند ڪمري ۾ مختلف سيشن ٿيندا جنهن ۾ پشتون آبادي وارن  ضلعن سان لاڳاپيل  سياسي جماعتون, سڄاڻ عورتون, مختلف يونينز, شاگرد ۽ وڪيلن تي مشتمل 35 گروپ پنهجون نشستون منعقد ڪندا ۽ جرڳي جي ٽئين ڏينهن سڀني گروپن پاران پيش ڪيل سفارشن تي ڳالھه ٻولهھ ڪري ان جا ممڪن حل ۽ حڪمت عملي ٺاهي ويندي ۽ انهن ئي گروپن مان چونڊ ذريعي "پشتون قومي جرڳي” جي آرگنائيزنگ ڪميٽي جوڙي ويندي جيڪا پشتونن جي حقن جي گڏيل تحريڪ کي اڳتي جاري رکندي ۽ آخر ۾ اهم سياسي رهنما جرڳي کي خطاب ڪندا.

پي ٽي ايم تي پابندي مڙھڻ واري حڪومتي فيصلي تي تبصرو ڪندي پي ٽي ايم سربراه منظور پشتين چيو آھي ته هڪ پرامن تحريڪ کي  دهشتگردن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ ظلم ۽ جبر وارو فيصلو آھي، پي ٽي ايم جو بنياد سن 2018 ۾ وزيرستان سان تعلق رکندڙ نوجوان نقيب الله محسود جي ڪراچي ۾  مبينه پوليس مقابلي ۾ مارجڻ کانپوءِ رکيوويو،وزيرستان سان تعلق رکندڙ منظور پشتين جي تحريڪ گم شده ماڻھن جي بازيابي ۽ عدالتن کان مٿاهن قتلن خلاف آھي, منظور پشتين جي گم شده ماڻھن جي بازيابي جي تحريڪ هن وقت ملڪگير تحريڪ بڻجي چڪي آھي, منظور پشتين جنهن قبائلي علائقي ۾ جنم ورتو اهو علائقو سدائين انتها پسندن جي لپيٽ ۾ رهيو آھي ۽ بدامني جي ڪري سخت متاثر رهيو آھي جيئن ته هن جو والد هڪ اسڪول ۾ استاد هو جيڪو پنهجي اولاد جي تربيت لاءِ پنهجي پگهار مان گهر ۾ فروٽ وٺي اچڻ بجاءِ ڪتاب آڻيندو هو جيڪي پڙھي منظور پشتين جي اندر جي باغي جنم ورتو ۽ هو پائليٽ بدران پختونن جو گانڌي بڻجي ويو.

منظور پشتين کان هڪ انٽرويو دوران جڏھن سوال ڪيو ويو ته ننڍي عمر ۾ سندس ڪهڙو خواب هو ۽ هن ڇا ٿيڻ ٿي چاهيو ان جي جواب ۾ هن چيو ته مان بنون جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ پڙھندو هوس ان وقت مون پائليٽ ٿيڻ ٿي چاهيو پر جڏھن جنگ دوران وزيرستان جي مٿان پائليٽ بم ڪيرائيندا هئا ته اتان کان مون فيصلو ڪيو ته مان هاڻي پائليٽ نه ٿيندس .

هن جرڳي ۾ ڪهڙا موضوع زير بحث ايندا ان جي خبر ته پشتون قومي جرڳي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ئي پوندي پر هن جرڳي ۾ پاڪ افغان سرحد ڊيورنڊ لائين بابت يقينن پشتون قيادت پاران ڪو نه  فيصلو ضرور ٿيندو ڇاڪاڻ ته منظور پشتين پاڻ کي فخريا طور افغان سڏائيندو آھي ۽ ڪنهن به افغان کان توهان پڇو پوءِ ڀلي اهو افغان ڪميونسٽ هجي يا طالبان, قبائلي جنگجو هجي يا شھري، ملان هجي يا ملحد پر سڀ 1893 ۾ افغان امير عبدالرحمان ۽ برطانوي هند جي سيڪريٽري سر مارٽيمر ڊيورنڊ وچ ۾ جيڪا سرحدن جي حد بندي ڪئي ويئي هئي سو هو سڀ چون ٿا ته ان جي مدو سو سال هئي جيڪا 1993 ۾ ختم ٿي ويئي هئي ۽ هو سڀ ان ڊيورنڊ لائين کي هڪ ناجائز لڪير سمجهن ٿا, بهر حال پختون پنهجي مرضي ۽ سياست جا مالڪ آھن جيئن وڻين جيڪو فيصلو ڪن پر اها به هڪ حقيقت آھي ته هڪڙو زمانو هو جڏھن سنڌ ۽ پختونخواھ جي قومپرست سياسي ليڊرشپ وچ ۾ نظرياتي هم آھنگي ۽ بنيادي سياسي مسئلن بابت موقف ۾ هڪ جهڙائي هئي پر اهو زمانو هو جڏھن پختونخواھ ۾ خان عبدالغفار خان ۽ سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد جي شڪل ۾ هڪ مضبوط نظرياتي سياسي اتحاد ۽ مظلومن قومن وچ ۾ هم آھنگي هئي جڏھن ته هن وقت پختون, بلوچ ۽ سنڌي پنهنجي نظرياتي سياسي لائين ۽ حڪمت عملي بابت مونجهارن جو شڪار آھن, جيئين منظور پشتين جو بيان آيو هو جنهن ۾ ھن سنڌ ۾ رهندڙ پختونن کي وڌيڪ مضبوط ۽ منظم ڪرڻ لاءِکين اپيل ڪئي هئي ته هو سنڌ ۾ وڌيڪ ملڪيتون ۽ هٿيار خريد ڪن ۽ ٻيئي پاسي ماھ رنگ بلوچ پنهجي بيان ۾ اهو تڪراري بيان ڏنو هو ته بلوچستان جو سرحدون سنڌ تائين آھن جنهن سبب بلوچن, پختون ۽ سنڌين جي اتحاد ۾ ڏار پئجي ويا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.