ملڪ ۾آئيني ۽ عدالتي سڌارن واري هلچل !

تحرير: علي محمد ميمڻ

ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ هن وقت آئيني ترميمن ياآئيني سڌارن جي حوالي سان وڏي هلچل آهي،  حڪمران اتحاد جي ڌرين ۽ مخالف ڌر جي جماعتن ۽ آئيني سڌارا ڪاميٽين جا لڳاتار اجلاس ٿي رهيا آهن ته جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي اوترو جلد وفاقي آئيني عدالت قائم ڪرڻ ۽ صوبن ۾ پڻ اهي عدالتون قائم ڪيون وڃن ته جيئن ملڪ جو نظام بهتر ٿي سگهي ۽ پنهنجي آئيني ۽ جمهوري رستي تي هلڻ شروع ڪري سگهي.ڪيترا ئي ڀيرا آمرن هٿان چونڊيل حڪومتن کي ختم ڪرڻ ۽ ملڪ جي اقتدار اعليٰ تي قبضا ڪري جنرل ايوب خان وانگر 10 سال ، جنرل يحيٰ خان طرفان 3 سال ۽ جنرل ضياءَ طرفان 11 سال ۽ جنرل پرويز مشرف طرفان 9 سالن تائين ملڪ تي مارشل لائن ذريعي آمريت لاڳو ڪرڻ وارا دور يقينن ملڪ جي تمام وڏي بدقسمتي ۽ ڪارا دور رهيا آهن. جنهن ۾ آئين، قانون اصولن، اخلاق جي بي حرمتي ڪرڻ ۽ عوام جي چونڊيل حڪومتن کي برطرف ڪري بندوق، ڏاڍ ۽ لٺ جي زور تي پنهنجي حاڪميت قائم ڪري انهن مجموعي  50 سالن واري آمراڻي دورن ۾ ملڪ کي اهڙي اونڌاهيءَ ۾ ڌڪي ڇڏيو جنهن مان ملڪ اڄ ڏينهن تائين نڪري نه سگهيو آهي ۽ انهن حڪومتن جي آمريت جي ٻجن جي ڪيل پوک، هن وقت وڌي وڻن ۾ تبديل ٿي چڪي آهي جيڪا مسلسل ملڪ کي معاشي، سياسي ۽ سماجي لحاظ کان ڏيوالو ڪڍڻ واري سرحد تي اچي پهچايوآهي.

ملڪ جي سياسي جماعتن ۽ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن قومي اسيمبلي، سينيٽ  ۽ سياسي منظرنامي جي حوالي سان سمورين سياسي ڌرين ۾ آخرڪار اهو بحث پنهنجي مرڪزي نقطي تي پهچي رهيو آهي ته ملڪ تي  حاڪميت ۽ بالادستي آخرڪار ڪنهن جي آهي ۽ اهو به ته ملڪ تي حڪمراني جو معاملو پڻ طي ٿيڻ گهرجي ته ڇا عدالت جي ڪنهن جج يا ڪنهن بئنچ کي حڪومتن کي هٽائڻ جو آئيني طور تي اختيار حاصل آهي به يانه ۽ ڇا ڪنهن به عدالت کي اهو اختيار حاصل آهي ته هو پاڻ ئي آئين ۾ ترميم ڪري ڇڏي يا ڪنهن به آمر کي آئين ۾ ترميم ڪرڻ ۽ ان کي پنهنجي ئي حق ۾ تبديل ڪرڻ جا اختيار به ڏيئي سگهي ٿي يا اهو آئين ۾ تبديلي ڪرڻ يا ترميم ڪرڻ يا ڪنهن به حڪومت جو احتساب ڪرڻ ۽ ان کي تبديل ڪرڻ جو اختيار آئين موجب پارليامينٽ کي ئي آهي.

عجيب صورتحال آهي ته ملڪ جي قائم ٿيڻ کي مني صدي گذري وڃڻ جي باوجود به اڃا تائين اهي معاملا تڪراري بڻيل آهن ته ملڪ تي حاڪميت آئين ۽ عوام جي چونڊيل پارليمان جي هوندي يا ڪو ٻيو ادارو ۽ طاقتور ڌريون يا ڪو آمر ملڪ تي قبضو ڪري سموري ملڪ کي يرغمال بڻائي سگهي ٿو ۽ ان خلاف آئيني ادارا ڪو قدم نه کڻندا بلڪه تڪراري ججن سميت ملڪ جي ادارن جا ذميوار عهديدار پنهنجي حلف ۽ عزت جي کنيل قسمن کان لاتعلق بڻجي  پنهنجن ذاتي ۽ وقتي فائدن لاءِ آمرن جا تابعدار ۽ طرفدار بڻجڻ وارا ڏوهه ڪرڻ ۾ ڪابه  شرمساري محسوس نه ٿا ڪن.عجيب صورتحال آهي جو ملڪ جي پڙهيل لکيل طبقي ۽ عهديدارن ۾ غير ذميواري جو رواج ۽ پنهنجا فرض ذميواري سان نڀائڻ لاءِ سينو ساهي بيهي رهڻ بجاءِ اصولن ۽ انسانيت کي ڇڏي پاڻ عام خسيس ماڻهو بڻجي وڃڻ يقينن اهڙا معاملا آهن جنهن عمل ملڪ، قومن ۽ سماج ۾ لاقانوني، بي اصولي ۽ اخلاقي ڏيوالپڻي کي ايترو ته وڌائي ڇڏيو آهي جو سموري سماج ۾ خوفناڪ قسم جي  ڀڃ ڊاهه ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هرهڪ ماڻهو ۽ سمورا طبقا نه صرف پاڻ کي اڪيلو ۽ غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن پر پنهنجو سمورو ملڪ ئي غير محفوظ بڻجي ويو آهي.  وس وارا ۽ سرندي وارا پڙهيل لکيل ماڻهو پنهنجو وطن، قومي سڃاڻپ ۽ پنهنجيون برادريون ڇڏي، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مهاجر ٿيڻ لاءِ وڃي رهيا آهن ۽ پنهنجو علم، هنر ، صلاحيتون  ۽ حياتيون ڌارين ملڪن ۽ قومن جي خدمت ڪرڻ، انهن جون نوڪريون ڪرڻ ۾لڳائي رهيا آهن ۽ اهو سلسلو لڳاتار وڌي رهيو آهي. يقينن،ملڪ جا معاملا جيستائين بهتر نه ٿيندا تيستائين ملڪ ۾ غير يقيني  ۽ لڏ پلاڻ واري صورتحال ختم نه ٿيندي،

عوام جي حقن جي حفاظت، ملڪ جي آئين، قانون، قومن جي مڃتا ۽ قومن جي ثقافتن ۽ هاڪاري روايتن کي اڳتي وڌائڻ سياسي جماعتن، ساڃهه وندن، اديبن، شاعرن، صحافين، قانوندانن ۽ سماج سڌارڪن جي تاريخي ۽ اصولي طور تي گڏيل ذميواري آهي. پر ان ڏس ۾ پڻ اسانجي ملڪ ۾ ڪاگهڻي سرگرمي ۽ پنهنجين ذميوارن جو احساس نظر نه ٿو اچي. سمورن ساڃاهه وندن طرفان گذريل اڌ صديءَ کان اهي قومي، آئيني، قانوني، اخلاقي ۽ سماجي فرض ڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان جي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڪم ۽ فرض قرار ڏيئي ڇڏيو ويو ۽ ان عظيم ليڊر کي آمر ضياءَ ۽ ان جي حامي ججن ذريعي عدالتي قتل ٿيڻ بعد، اهو فرض بيگم نصرت ڀٽو ۽ ان بعد محترمه بينظير ڀٽو ۽ سندس جماعت جي ذميواري قرار ڏيئي ڇڏي ويئي ۽ باقي ڌريون ۽ تنظيمون گهري ننڊ سمهي پيون.اهڙي ريت، محترمه بينظير ڀٽوجي شهادت بعد هاڻي اها ذميواري پارٽي جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو تي قدرتي طور لاڳو ٿي ويئي آهي ته هو اهي سڀ ڇڏيل ۽ رهيل ڪم ۽  وڌيڪ اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاري جنهن جي قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي محترمه بينظير ڀٽو تائين ٿيڻ جون اميدون رکيون ويون هيون.

بهرحال بلاول ڀٽو زرداري هن وقت پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين هئڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي سمورن جمهوريت پسندن، سماج سڌارڪن ۽ انقلابين جي اميدن جو پڻ مرڪز ۽ محور تصورڪيو پيو وڃي. جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي پارليامينٽ جي ايوانن ۾ڪيتري تعداد آهي ۽ وفاقي حڪومت جو حصو نه هئڻ ڪري هن جي حڪمرانن وٽ ڪيتري حيثيت ۽ اهميت آهي ان صورتحال کي يقينن سامهون رکڻ گهرجي پر وري به آئين ۽ قانون جي بهتري ۽ ان جي درست عملداري رائج ڪرائڻ وارين اميدن جي مرڪز پاڪستان پيپلز پارٽي ئي آهي .  جڏهن ته ملڪ تي حڪمران واحد ڌر مسلم ليگ نواز ته پنهنجي نالي وانگر پنهنجي جماعت جي بادشاهه ميان نواز شريف جي ذاتي ۽ خانداني ڪمپني وانگر جماعت آهي جنهن جو هڪ مالڪ، ننڍا مالڪ سندس اولاد ۽ باقي جماعت جا ٻيا عهديدار عملي طور تي ڪمپني سرڪار جي عهديدارن يا ملازمن واري حيثيت رکن ٿا. ملڪ جي آئين، قانون، عوام کي انصاف، عدالتي سڌارن، سماجي سڌارن ، زرعي معيشيت جي سڌارن سان هنن جو ڪو خاص مقصد ۽ مطلب نظر نه ٿو اچي پر  اهو ضروري هوندو اهي ته ملڪ ۾ ڪا ڪاروباري يا صنعتي پاليسي سندن پسند موجب هئڻ گهرجي جو هنن جي مهارت ۽ سياسي ۽ سرمائي جي سيڙپ ان شعبي ۾ وڌيڪ آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ملڪ ۾ آئيني سڌارا ڪرڻ ، ادارن کي پنهنجي حد ۾ رکڻ ۽ ججن جي تڪراري  ڪردار کان پري ڪرڻ ، پاڻمرادو آئين کي تبديل ڪرڻ، چونڊيل حڪومتن کي برطرف ڪرڻ ۽ آمرن جي طرفداري ڪرڻ  واري غير آئيني قدمن کان روڪڻ ۽ لاقانونيت آڏو بند ٻڌڻ  لاءِ ضرور ڪم ٿي رهيا آهن. هاڻي اها اميد ڪري سگهجي ته 25 آڪٽوبر کان اڳ آئين ۾ گهربل ترميمون يا آئيني سڌارن جو بل پارليامينٽ مان وڏي اڪثريت سان منظور ٿي ويندو جنهن ۾ ملڪ ۾ وفاقي آئيني عدالت  ۽ صوبن ۾ پڻ آئيني عدالتون قائم ٿيڻ وارا اهم قدم پڻ شامل آهن.  پاڪستان پيپلز پارٽي جي خوشنصيبي اها آهي ته هو وفاقي حڪومت ۾ شامل ٿي پاڻ کي اقتداري ڌرين وٽ يرغمال ڪرڻ بجاءِ ٻاهر رهي، وفاقي حڪومت جي ڪمن تي تنقيد ڪندڙ ۽ حڪومتي مخالف ڌر ۽ ڪنهن حد تائين اپوزيشن وارو ڪردار پڻ ادا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهي آهي ۽ جي يو آءِ جو سربراهه مولانا فضل رحمٰن پڻ پيپلزپارٽي واري آئيني سڌارن واري آئيني بل تي وڌيڪ ويجهو ۽ متفق ٿيڻ ڪري هاڻي انهن ٻنهي جماعتن جي رضامندي کانسواءِ حڪومت جو هلڻ ۽ پارليامينٽ ۾ پنهنجي  وڏي شينهن ۽ پارٽي جي بادشاهه جي پسند مطابق ڪابه آئيني ترميم منظور ڪرائڻ بلڪل ناممڪن ٿي ويو آهي.

خبرن موجب انهن ٿيندڙ آئيني سڌارن ۾ ججن جي ريٽائرمينٽ واري مدي ۾ واڌ ڪرڻ وارا نقطا پڻ شامل آهن جنهن جي نتيجي ۾ موجوده چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي تجويز ڪيل آئيني عدالت جو چيف جسٽس مقرر ٿيڻ واريون ڳالهيون عام آهن ان موجب هن کي هڪ بردبار، بهادر، آئين، جمهوريت،  پارليامينٽ ۽ آئيني ادارن جي آئيني حد بندين ۽ آئين ۾طئي ٿيل ڪردار ۽ عمل جو سرگرم حامي هئڻ جي شهرت حاصل آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي وڌيڪ ڪجهه سالن تائين عدالتي سرشتي ۾ موجود رهڻ ۽ ان کي بهتر بنائڻ لاءِ قدمن ۽ ڪاوشن جي يقينن ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ جي روايتن موجب هن کي ريٽائرمينٽ کان اڳ هن جي اعزاز ۾ 25 آڪٽوبر تي فل ڪورٽ ريفرنس واري تقريب منعقد ڪرڻ جون تياريون پڻ ڪيون پيون وڃن ۽ چيف جسٽس جي رٽائرمينٽ کان اڳ سندس مان ۾ وفاقي سرڪارطرفان رات جي ماني جي دعوت ڏيڻ جي پڻ آڇ ڪئي ويئي جنهن کي هن قوم جي ناڻي جو اجايو زيان قرار ڏيئي ان کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. هاڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي شخصيت تي سموري ملڪ جون نظرون کتل آهن ته، هوپنهنجي باري ۾ ڪهڙو ٿو فيصلو ڪري ۽ حڪومت ۽ مخالف ڌرين جي پڻ عمل ۽ قدمن کي ڏٺو پيو وڃي ته هو ڪهڙي قسم جا آئيني سڌارا ڪرڻ وڃي رهيا آهن اهي ملڪ ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ٿا ٿين يا بادشاهن کي طاقتور ڪرڻ لاءِ ڪيا وڃن؟، جيڪي ڪجهه به ٿيڻو هوندو اهو ٿورن ڏينهن ۾ قوم ۽ ملڪ جي سامهون اچي ويندو.

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.