تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي صدر مسعود پزشڪيان خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ جلد مِينهن نه وسيو ته تهران ۾ سخت آبي بحران کي منهن ڏيڻو پوندو، جنهن جي نتيجي ۾ شهر خالي ڪرائڻو پئجي سگهي ٿو.
خميس تي اولهه ايران جي شهر سنندج جي دوري دوران ڳالهائيندي صدر پزشڪيان چيو ته حڪومت هڪ ئي وقت معاشي، ماحولياتي ۽ سماجي بحرانن سان منهن ڏئي رهي آهي.
تهران کي پاڻي فراهم ڪندڙ مرڪزي ڊيم ۾ رڳو ٻن هفتن جو پاڻي بچيو آهي.
ايراني صدر سوڪهڙي سبب پيدا ٿيندڙ پاڻي جي بحران کي ملڪ جي سنگين ترين قدرتي چئلينجز مان هڪ قرار ڏنو.
هن چيو ته جيڪڏهن برسات نه ٿي ته ايندڙ مهيني تهران ۾ پاڻي جي فراهمي محدود ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن سوڪهڙو جاري رهيو ته اسان پاڻي کان محروم ٿي وينداسين ۽ شهر کي خالي ڪرائڻو پوندو.
You might also like