پي سي بي وهاب رياض کي عورتن جي ٽيم جو ڪنسلٽنٽ مقرر ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر وهاب رياض کي پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، وهاب رياض ڪجهه هفتن کان پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ڊپارٽمينٽ سان واڳيل هو ۽ هاڻي کيس قومي وومين ٽيم جو ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وهاب رياض عارضي طور تي پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جا معاملا ڏسندو ۽ هو وومين ڪرڪيٽ جي ڊائريڪٽر سان گڏجي مستقبل جا منصوبا ترتيب ڏئي رهيو آهي.
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان وومين ٽيم جي سپورٽ اسٽاف ۾ به تبديليون ڪيون پيون وڃن ۽ اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر عمران فرحت جا به وومين ٽيم جي سپورٽ اسٽاف ۾ شامل ٿيڻ جا امڪان آهن.
ذريعن موجب، پي سي بي جلد پاڪستان وومين ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ سپورٽ اسٽاف جو اعلان ڪندو.
ياد رهي ته تازو وومين ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي شرمناڪ ڪارڪردگي کانپوءِ محمد وسيم کان قومي وومين ٽيم جي هيڊ ڪوچ جون ذميواريون کسيون ويون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.