اين ايف سي ۾ تبديلي لاءِ پيپلزپارٽي تي دٻاءُ، 3 اهم فائل کولڻ جو اشارو؟

اسلام آباد (حماد حسن) وزيراعظم شهباز شريف جي آزربائيجان جي دوري سبب 27هين آئيني ترميم جو معاملو عارضي طور تي دٻجي ويو آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس به ملتوي ٿي ويو آهي، جنهن سان ترميمي عمل ۾ هڪ وقتي رڪاوٽ آئي آهي. پيپلزپارٽي جا نمائندا اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي بابت خدشا ظاهر ڪري رهيا آهن، جڏهن ته انهن 243 آرٽيڪل ۾ ترميم تي راضپي جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن موجب، صوبن ۾ خاص طور تي پنجاب مان اين ايف سي ۾ حصي جي معاملي تي خدشا موجود آهن، جڏهن ته ڪي پي (خيبرپختونخوا) ۽ بلوچستان جا پڻ خدشا سامهون اچي ويندا. ان صورتحال ۾ سڀني صوبن جي نمائندگي ۾ خدشا ظاهر ٿيندا. پيپلزپارٽي جي خدشن کانپوءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته 3 اهم فائل گردش ۾ اچي ويا آهن. هڪ معاملو ملڪ رياض سان لاڳاپيل آهي جنهن ۾ ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي زمين جي حوالي سان 475 ارب رپيا ادا ڪيا ويا هئا. ٻيو فيڪ اڪائونٽس وارو معاملو آهي جنهن کي آصف علي زرداري جي کاتي ۾ وڌو پيو وڃي. ٽيون انور مجيد بابت آهي جيڪو پڻ آصف علي زرداري جو ويجهو سمجهيو ويندو آهي. اهي ٽئي معاملا ڳولي پيپلزپارٽي کي هڪ طرح سان ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو پيو وڃي. پيپلزپارٽي کي پيغام ڏنو پيو وڃي ته جيئن چيو پيو وڃي تيئن ڪندا ڪريو يا اين ايف سي تي جيڪي خدشا آهن انهن تان پوئتي هٽي وڃو. هميشا ائين ئي ٿيندو آهي، ڌرين کي ائين ئي بليڪ ميل ڪيو ويندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.